پروفيسر احمد علي شيخ ڪير سڏائي!

تحرير؛احمد علي شيخ ۽ ليکڪ

هن شخص تي لکندي منهنجي سوچ ۽ منهنجو قلم منهنجو ساٿ نه ٿو ڏئي ،  منهنجي اکين مان ڳوڙها هن وقت ايئن وهي رهيا آهن، جيئن پنهنجي والد مرحوم شهاب الدين منشي جي وفات کانپوءِ پهريون ڀيرو سندس تي ڪالم لکڻ وقت منهنجي اکين مان وهي رهيا هيا،  هن ماڻهو سان  پهريون منهنجا اختلاف ٿيا،  پوءِ مان هن جو شاگرد بڻيس ۽ پوءِ  ساڻس دوستي ٿي وئي. دوستي به اهڙي دوستي جو سنڌ لا ڪاليج جي پرنسپل جي ڪمري ۾ منجهند جي ماني وڏي عرصي تائين روز کائيندا هياسين، ڪڏهن اتي جسٽس غلام رباني، مظفر صادق ڀٽي،  نعمت الله سومرو، علي محمد چنا، مسعود احمد جماڻي، اياز لطيف پليجو به اچي ويندا هئا، انهن سڀني ۾ ننڍي عمر جو مان هئس، هن مونکي پنهنجن پٽن محمد علي شيخ ايڊووڪيٽ، حيدر علي شيخ وانگي هميشه عزت ڏني،  هن مون تي اصلاحي تنقيد به ڪئي، ته منهنجي رهنمائي به.

پروفيسر احمد علي شيخ جي ذات جا ٻه پاسا هيا، هڪ هو قابل وڪيل، خاندانن تي عبور رکندڙ سٺي پوشاڪ پهريندڙ انسان، ٻيو پاسو سندس شخصيت جو مولا علي عليه السلام جو يگانو فقير هجڻ، هو  جتي عام ڏينهن ۾ لاجواب ڊريسنگ ڪندڙ، ڪوٽ پينٽ وارو ۽ هٿ ۾ سگار جو منفرد انداز وارو ماڻهو هو، ايترو ئي اسان هن کي محرم الحرام جي چاليهن ڏينهن  ۾ مولا جي عزاداري، ماتمي قافلن ۾ کائي روڊ کان مولا علي جي قدم گاهه تائين پنڌ هلندي ڏٺو، منهنجي ساڻس ويجهڙائي ڪا 15 سال پراڻي هئي.

اهو 2006-2007ع جو دور هو، مان پنهنجي گريجوئيشن مڪمل ڪري سوچيو ته ڇو نه ايل ايل بي ڪريان، هونئن به منهنجي آزاد سوچ مونکي ڪڏهن نوڪري جو قيدي بڻجڻ نه ڏنو،  انهيءَ لاءِ مان جڏهن به ڪنهن اخباري اداري ۾ لکڻ پڙهڻ جو ڪم ڪيو،  ڪالم نگاري شروع ڪئي ته اتي به پنهنجي ڳالهه، عزت نفس جو خيال ۽ ڪنهن جي غلط ڳالهه ڪڏهن قبول نه ڪئي. خير وڪالت پڙهڻ جو شوق ٿيو،  مون پنهنجي گهر جي آڏو لا ڪاليج ۾ داخلا ورتي، پوءِ شيخ صاحب کي اسان هڪ شفيق استاد واري روپ ۾ ڏٺو.

احمد علي شيخ صاحب سان گڏ هڪ سٺو دور گذريو، کيس ادبي دنيا ۽ مطالعي تي عبور هئو، روزانو صبح ڊان اخبار، پوءِ وڪالت، پوءِ جڏهن هو سمورين اخبارن جا ايڊيٽوريل پيج جا ڪالم پڙهي آڏو ويٺل کي جيڪا معلومات ڏيندو هو، سا سندس ڪچهري ٻڌي مان حيران ٿي ويندو هئس ته کيس حيدرآباد سميت سڄي سنڌ جي اصل خاندانن جي جيڪا معلومات هئي،  اها هن دور ۾ تمام گهٽ ماڻهن ۾ نظر ايندي آهي، شيخ صاحب پنهنجي طبيعت ۾ کرو ۽ بهادر انسان هو، هو ڪڏهن ڪنهن به ماڻهو آڏو رک رکاءُ نه ڪندو هو، جيڪو سچ هوندو هو منهن تي چئي ڏيندو هو.

هڪ ڀيري عمران خان شايد 2006ع ۾ معراج محمد خان سان گڏ اسانجي گهر ڪجهه مخصوص دوستن سان گڏ لنچ تي آيو، اڃا ڪچهري هلندڙ هئي ته عمران خان، احمد علي شيخ صاحب کي ٻڌي کيس پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني، شيخ صاحب سندس ٿورو مڃيندي چيو اوهان جي پارٽي ۾ هڪ ڪم وارو ماڻهو معراج محمد خان آهي، باقي سڀ  کير پياڪ ٻارن جو گروپ آهي، اوهان سنڌ جي معاملي تي سنجيده ٿيو ته اسان اوهان جي حمايت ڪنداسين ڇو ته پنجاب ۾ اوهان ڪالا باغ ڊيم جي حمايت ڪريو ٿا ۽ سنڌ ۾ مخالفت اهڙو ٻٽو موقف سياست ۾ نه ٿو هلي سگهي، اڃا شيخ صاحب ڳالهه هلي رهي هئي ته ته عمران خان ان وقت پي ٽي آءِ جي صدر زبير خان ۽ ڊاڪٽر صمد لبيا واري کي هدايت ڏني ته 15 ڏينهن کانپوءِ حيدرآباد ۾ ڪالاباغ ڊيم جي خلاف ڪانفرنس رکو ۽ سڀني پارٽين کي دعوت ڏيو، عمران خان ان ڪانفرنس ۾ پاڻ شرڪت ڪندو، پوءِ ان ڪانفرنس جو بندوبست انڊس هوٽل حيدرآباد ۾ ٿيو، ۽ موسم خراب هئڻ باوجود عمران خان اسلام آباد کان حيدرآباد آيو، ۽ اسان ڪالاباغ ڊيم خلاف مشرف دور ۾ ڀرپور تحريڪ هلائي،

احمد علي شيخ بنيادي طور تي سنڌ ڌرتي جو سچو پٽ هو، اسان کيس سدائين هر قدم تي سنڌ خلاف ٿيندڙ سازشين ۾  پهرين صف جي گمنام سپاهي وانگر ڏٺو، کيس ڏيکاءُ ۽ اداڪاري جي هٿرادو دنيا کان سخت نفرت هئي، هو مونکي اڪثر چوندو هو ته تون جيڪو ڪم ڪندين، تاريخ ان جو فيصلو پاڻ ڪندي، جڏهن ايم ڪيو ايم جو دهشتگردي جو زور اوج تي هو، ته هي ايم ڪيو ايم الطاف جو سخت مخالف هو، هن کي ان شهر جي ڪنڊ ڪڙڇ جي خبر هئي.

هڪ ڀيرو مونکي عوامي آواز ۾ ڪو ڪالم لکڻو هو، شيخ صاحب ان ڪالم جو پروف پڙهي رهيو هو، مونکي چيائين توکي خبر آهي، ايم ڪيو ايم جسٽس غلام رباني جي فيملي سان لساني جهيڙن ۾ ڇا ڪيو، پوءِ هن مونکي جسٽس غلام رباني جي فيملي سان پڪي قلعي تي الطاف حسين مافيا جا  ظلم ڏيکاري ته  ڪهڙي طرح سندس گهر تي قبضو ڪري سڄو مال ۽ سامان چوري ڪيو ويو، اهو هڪ ظلم جو داستان به شيخ صاحب جي ذريعي مون لکيو.

شيخ صاحب يارن جو يار ۽ هڪ سچو انسان هو، جيڪو پنهنجي دوستن ۽ واسطيدارن لاءِ ڪنهن شفيق انسان کان گهٽ نه هو، احمد علي شيخ صاحب منشي هائوس تي هر دعوت ۾ پهرين مهمان طور  پهچي ويندو هو، هڪ اهو ۽ ٻيو مرحوم ڪامريڊ ڄام ساقي هو  جيڪي  منهنجي هر محفل ۽ ڪچهري جا پاڻ ئي ميزبان بڻجي ويندا هئا.

هي سنڌ جي ماڻهن جو درد رکندڙ انسان هو، هو پڪو پاڪستاني هو، جيڪو ڪڏهن رنگ، نسل، مذهب ۽ ڌرم تي يقين نه رکندو هو. هڪ ڀيري عيد جي ٻئي ڏينهن پاڪستان جي مشهور شاعره، اديب، دانشور فهميده رياض پنهنجي ڀيڻ جي گهر ٽنڊي يوسف کان ڪال ڪيائين ته رات جي ماني مونکي تو وٽ کائڻي آهي،  مان اوچتو ئي اوچتو ڪجهه دوستن اياز لطيف پليجو، صحافي مهيش ڪمار، جعفر ميمڻ، ڊاڪٽر دودو مهيري، پروفيسر احمد علي شِيخ، ايم پرڪاش، نعيم ملڪ ۽ ڪجهه ٻين شعبن سان تعلق رکندڙ دوستن کي گهرايو، ڪچهري هلندڙ هئي ته پتو پيو چڪ شهزاد واقعي ۾ ڪنهن وڏيري ٽن هندو ڊاڪٽرن کي ڊيوٽي ڪندي قتل ڪري ڇڏيو، هيڏانهن اياز لطيف پليجو قومي عوامي تحريڪ جو نئون صدر بڻيو هو، اتي ئي اياز تجويز ڏني ته سڀاڻي پريس ڪلب حيدرآباد جي ٻاهران ڊاڪٽرن جي قتل تي احتجاج ۽ علاج بک هڙتال فهميده رياض جي اڳواڻي ۾ ڪئي ويندي، مونکي چڱيءَ طرح ياد آهي ته اتي به سڀ کان اڳ ۾ پروفيسر احمد علي شيخ پهتو، جيڪو وقت جي پابندي جو قائل هوندو هو، ۽ آخر ۾ پنهنجي پاران سڀني شريڪ ٿيندڙن کي پريس ڪلب جي ڪينٽين تي چانهه جي دعوت ڏني، هي ماڻهو پنهنجي دسترخوان جو سخي هو، اسان اڪثر جيمخاني ۾ ڪنهن نه ڪنهن مهمان کي گهرائيندا هيائسين ۽ شيخ صاحب کي ميزباني ۾ ڪڏهن به ارهو نه ڏٺوسين.

هو زندگي جي آخري ڏينهن ۾ به هن دنيا مان ٺهي سنڀري پنهنجي رب جي بارگاهه ۾ پهتو، مونکي الله اها سعادت ڏني، سندس زندگي جي آخري رات ۾ به مان ۽ هن جا پٽ جيجل ماءُ اسپتال ۾ ساڻس گڏ هئاسين، کيس ڏسي مونکي اندازو ٿيو ته هو موڪلاڻي لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي، نيٺ هو فاني دنيا کي الوداع چوندي 13 نومبر جي صبح پنهنجي مولا جي بارگاهه ۾ پهچي ويو،  واقعي احمد علي شيخ ڪير سڏائيندو، پر اسان دعاگو آهيون، الله پاڪ سندس پٽن محمد علي شيخ ۽ حيدر علي شيخ کي پنهنجي والد جي رستي تي هلڻ جي توفيق عطا ڪري ۽ مرحوم جي آخري منزل کي آسان فرمائي آمين.

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.