نوابشاهه ۾ جبري طور لاپتا ڪيل نوجوان آزاد نه ٿيو، بک هڙتال

نوابشاه(ڊ ر) شاگرد اڳواڻ ذاڪرسھتو جي جبري گمشدگي کي ٽن مھينن کان وڌيڪ عرصو گذري ويو قومي ڪارڪنن ۽ وارثن جي مسلسل احتجاج جو ملڪي ادارن ڪو به وٽيس نه ورتو، ذاڪر سھتو جي گھر ۾ اُداسي ۽ ويراني ڇانيل سندس پيرسن امڙ روئي روئي ٻچڙي جي جدائي ۾ بيحال ٿي وئي صبح شام قُرآن پاڪ کي لوڏيندي پنھنجي جگر جي ٽڪر جي سلامتي ۽ واپسي لاءِ دُعائون گھري رھي آھي ذاڪر سھتي جي جبري گمشدگي خلاف نوابشاھ پريس ڪلب ٻاھران 97 ڏينھن به قومي اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ وارثن سرفراز ميمڻ، راجا سھتو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ علامتي بک ھڙتال جاري رکي وئي انھي موقعي تي اڳواڻن چيو ته اسان جي مسلسل پر امن احتجاج کي ملڪي ادارا ذاڪر سھتي سميت کنڀي لاپتا ڪيل قومي ڪارڪنن جي حوالي سان ڪو بہ نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار نہ آھن سُڌريل ملڪن اندر جيڪڏھن ڪنھن شھري جو ڪُڪڙ جو چوزو بہ چوري ٿي ويندو آھي تہ سمورا ادارا تحرڪ ۾ اچي ويندا آھن پر ھتي سنڌ جي ڪيترن بھادر ڌرتي ماءُ سان عشق ڪندڙ پر امن جدوجھد جي پيروڪار ڳنڀروئن کي رياستي ادارن کنڀي گم ڪري ڇڏيو آھي پر ملڪ جا ذميوار ادارا ان حوالي سان ٻڙڪ بہ ٻاھر ڪڍڻ لاءِ تيار نہ آھن اسين سمجھون ٿا تہ سنڌ جي قومپرست پر امن ۽ عدم تشدد جو فڪر رکندڙ سياسي تنظيمن کي قومي تحريڪ جي عظيم مقصدن کان پري ٿيڻ لاءِ اھي سازشون ۽ ڪاروائيون ڪيون پيون وڃن پر اسين وقت جي حڪمرانن کي ٻڌائڻ ٿا چاھيون تہ اسان جي قومي ڪارڪنن جا ارادا ھماليا کان اوچا آھن اسان سنڌ امڙ جا وفادار ۽ خوددار فرزند آھيون اھڙا قدم اسان جي فڪر نظريي ۽ قومي سوچ کي نہ ڪڏھن ڪمزور ڪري سگھيا آھن نہ ئي ھاڻ ڪري سگھندا اسان انساني حقن لاءِ رڙيون ڪندڙ عالمي انساني حقن جي ادارن گڏيل قومن کان مطالبو ٿا ڪيون تہ سنڌ اندر قومي تحريڪ سان واڳيل نوجوانن جون زندگيون داءُ تي لڳائڻ جي سازش ۾ ملوث ادارن جو نوٽيس ورتو وڃي ۽ ذاڪر سھتي سميت کنڀي لاپتا ڪيل قومي ڪارڪنن کي عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي جيڪڏھن انھن جي خلاف ڪي بہ سنگين الزام يا خدشا آھن تہ اھي عدالتن ۾ پيش ڪيا وڃن باقي انساني زندگين سان اھا مذاق بند ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.