ناظم جوکيو ڪيس ۾ وارثن تي دٻاءُ آهي: گورنر

ڪراچي(نمائندا ) سنڌ جي گورنر محمد عمران اسماعيل چيو آهي ته پاڪستانجي معيشت صحيح رخ ۾ آهي، سريو، سيمينٽ ۽ گاڏيون وڪرو ٿي رهيون آهن، مهانگائي سڄي دنيا ۾ ٿي آهي، اي وي ايم بل اليڪٽرانڪ  ووٽنگ مشين جوائنٽ سيشن ۾ پاس ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته ماضيءَ ۾ جڏهن به چونڊون ٿينديون هيون ته ڌانڌلي جو روڄ راڙو شروع ٿي ويندو هو، گورنر پنهنجي دوري جي شروعات ضلعي ڄامشورو ۾ جيلاني هائوس پهچي ڪئي، جتي هن سينٽرل ريجن سنڌ جي صدر پير سيد زمان شاهه جيلاني سان ملاقات ڪئي ۽ ساڻس ڀائيٽي جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. گورنر چيو ته سنڌ ۾ تعليمي شعبي جي ترقي لاءِ سنڌ جي وڏي وزير سان ڳالهائيندس. هڪ سوال تي هن چيو ته وفاقي جي پاليسي ڪنهن هڪ صوبي لاءِ ناهي پر پوري پاڪستان لاءِ هوندي آهي. 10 سالن کان آفيسر هتي موجود آهن پوري پاڪستان ۾ ان روٽيشن پاليسي تي عمل ٿي رهيو آهي. سنڌ مان اي ڊي خواجا، ڪليم امام، ثناا لله عباسي کي پڻ روٽيشن پاليسي جي تحت ٻين صوبن ۾ موڪليو ويو پر ان وقت ته اعتراض نه اٿاريا ويا، ملير ۾ ڪجهه وقت اڳ قتل ٿيل ناظم جوکيو بابت سوال تي سنڌ جي گورنر چيو ته ناظم جوکيو جو قتل وارو واقعو تمام افسوسناڪ آهي، مظلوم خاندان جي مدد ڪئي وڃي، ناظم جوکيو جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي پوليس مهمان نوازي پئي ڪري ڪيس ۾ وارثن مٿان پڻ پريشر وڌو پيو وڃي ان لاءِ پنهنجي ماڻهن کي چيو اٿم ته ساڻن رابطي ۾ رهن  ان موقعي تي حليم عادل شيخ، پڻ ساڻس گڏ هئا،هوڏانهن ٽنڊي الهيار ۽ مٽياري ۾ گورنر چيو ته  وفاق جي پاليسي هڪ صوبي جي ناهي هوندي سڀني لاءِ هوندي آهي سنڌ حڪومت اجائي واويلا پئي ڪري،عمران خان پ پ وارن کي خوابن ۾ به ايندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.