حڪومت هٽائڻ لاءِ اپوزيشن متحد آهي: اسدالله ڀٽو

سکر( رپورٽر) جماعت اسلامي پاڪستان جي نائب امير اڳوڻي ايم اين اي مولانا اسدالله ڀٽو چيو آهي ته جماعت اسلامي اپوزيشن جي حڪومت مخالف ايجنڊا ۾ گڏ آهي. اسان سڀني اپوزيشن پارٽين جو هڪ ئي ايجنڊا آهي ته عوام کي موجوده نااهل حڪمرانن کان ڇوٽڪارو ڏياريون. هن اهڙيون ڳالهيون سکر پريس ڪلب ۾ سينيئر صحافي آصف ظهير لوڌي جي ڀاءُ جي وفات بعد عذر خواهي دوران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيون. مولانا اسدالله ڀٽو چيو ته هن وقت قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن هڪ جاءِ تي گڏ ٿي وئي آهي. شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ بلاول ڀٽو زرداري به شرڪت ڪري ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.