ريلي تي پٿراءُ نه ٿيو، ٿيو هوندو ته ف ليگ ذميوار آهي: منظور وساڻ

نارو(رپورٽ: عاشق حسين سهتو)ناري تعلقي جي چونڊڪو شھر جي معزز شخصيت پير سيد ڪليم الله شاه راشدي جي ڏنل مانجهاندي جي دعوت ۾  راشدي هائوس تي  آ يل پاڪستان پيپلز پارٽي  جي صوبائي صلاحڪار منظور حسين وساڻ جي ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته موجوده حڪومت مڪمل ناڪام ٿي چڪي آھي مدو پورو نه ڪندي ۽ وزيراعظم تبديل ٿيندو  نئون وزيراعظم اليڪشن ڪرائيندو پر اهو پي ٽي آءِ مان هوندو،هن چيو ته ڊالر جو اگھ آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيو آھي ٽئڪس وڌيڪ هجڻ ڪري سنڌ ۾ کنڊ ۽ اٽو مهانگو آھي ، هن چيو ته پير سيد ڪليم الله شاهه راشدي  جي شموليت سان پ پ پ  وڌيڪ مضبوط ٿيندي منهنجي ريلي تي پٿراء نه ٿيو آھي اگر ٿيو هوندو ته جي ڊي اي جي زميوار هوندي ڊي اي پي ۽ ٻئي ڪلر جي بليڪ وڪرو جي حوالي سان زراعت کاتي ڇاپا مار ٽيمون جوڙيون آھن جلد ڪاروائي ٿيندي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.