جعلي حڪومت وڌيڪ دير تائين نٿي هلي سگهي: راشد محمود

اڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ جميعت علماءِ اسلام طرفان 27 نومبر تي شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي ياد ۾ رٿيل “شهيد اسلامڪانفرنس” جي حوالي سان جي يو آءِ تعلقي لاڙڪاڻي جي امير مولانا ناصر خالد محمود سومرو جي صدارت هيٺ جامعه اسلاميه ۾ اجلاس ٿي گذريو جنهن ۾ جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مولانا راشد خالد محمود سومرو، مرڪزي سالار انجنيئر عبدالرزاق عابد لاکو، صوبائي سالار حافظ سراج احمد چنه ۽ سليم سنڌي خصوصي طور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مولانا راشد خالد  محمود سومرو ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ڌرتي جي بهادر فرزند شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو پارٽي جو مثالي ليڊر هو موجوده جعلي حڪومت وڌيڪ دير تائين هلي نٿي سگهي، پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمن عمران نيازي جي چهري کي عوام جي سامهون بي نقاب ڪيو آهي هاڻي سليڪٽڍ سرڪار جي ڪوڙي سياست کان عوام واقف بڻجي چڪو آهي، هن چيو ته  پاڪستان سميت سنڌ جي طرف ميري اک سان ڏسندڙن جون اکيون ڪڍي ڇڏينداسين، پارليامينٽ کي يرغمال بڻائي جمهوريت جي خلاف سازشون ڪري غير جمهوري قوتن کي کلي عام ملڪ سان کيڏڻ جو موقعو ڏنو ويو آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.