ڊاڪٽر ماها شاهه ڪيس: ڊي اين اي رپورٽ پيش، جوابدارن جا جزا مئچ نه ٿيا

ڪراچي (رپورٽر) ڊاڪٽر ماها شاهه ڪيس جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي ، جوابدار جنيد ۽ وقاص جا ڊي اين اي ڊاڪٽر ماها جي ڊي اين اي سان ميچ نه ٿيا، مقامي عدالت ۾ جاچ آفيسر لمس ڄامشورو طرفان جاري ڪيل ڊي اين اي رپورٽ پيش ڪئي، جوابدارن جي وڪيل چيو آهي ته ڊي اين اي ميچ نه ٿيڻ تي ڪيس مان زيادتي جا قلم خارج ڪيا ويندا، عدالت ڪيس تي ٻڌڻي 11 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي ، ڪجھ مھينا اڳ ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي ۾ ڊاڪٽر ماھا جو لاش گھر مان مليو ھو، ڊاڪٽر ماها جي والد سيد آصف علي شاهه سندس دوستن تي زيادتي جو الزام لڳايو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.