ڌارين جي سنڌ ۾ ملڪيت وٺڻ تي پابندي جو مطالبو، سرداري نظام آڏو نه جهڪنداسين: ساڃاهه وند

ڪراچي(رپورٽ: رزاق عاصي /صادق سومرو) سنڌ جي ساڃاهه وند، وڪيلن، قومي ڪارڪن ۽ سول سوسائٽي پاران غير ملڪين سميت ٻين صوبن جي ماڻهن سنڌ ۾ ملڪيت وٺڻ ووٽ ڏيڻ تي پابندي جو مطالبو،قومي ميڊيا سنڌمان  اربين رپيا ڪمائڻ باوجود سنڌين جي مسئلن کان لاتعلق آهي،  اهڙ اظهار سنڌ يونائيٽڊ پارٽي پاران 6 جون بعد بحريا ڌرڻي بعد قومي جدو جهد ۾ وڪيلن، قومي ڪارڪنن، صحافين، دانشورن، اديبن ۽ سول سوسائٽي جي مان ڏنل آجياڻي ۾ ڪيو ويو. تقريب کي سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي اڳواڻ جلال محمود شاهه ڳالهائيندي چيو ته اسان جمهوريت پسند آهيون. هن وقت ان ڳالهه جي آهي ته سڀني سنڌي ڀائرن کي اڳتي اچڻ گهرجي، سنڌي ماڻهو ووٽن جي داخلا جي معاملي ۾ ڪا ڪوتاهي نه ڪن،هن مهل ڪراچي ۾ افغانين جي يلغار آهي انهن کي ناڪام بنائڻو آهي، ڪراچي ۾ ڌارين کي آباد ڪرڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن، اسانجي پارٽي سميت ٻين پارٽين به بحريا ٽائون معاملي کي اسان اڳتي آندو. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ جي ملڪيتن تي ڪڏهن به قبضا ٿيڻ نه ڏبا، سيد زين  شاهه چيو ته 15 سالن ۾ جنهن طريقي سان عوام سان ويساهه گهاتي ٿي رهي آهي، اسان جي اڪثريت کي خبر ئي ناهي ته ڪرڻو ڇاهي، قومي تحريڪ مختلف مرحلن مان گذري گهڻو ڪجهه سکيو آهي. اردو ميڊيا نيگيٽو ۾ ڏيکاريو ، تعليم ۽  ٻولي کي ڪيئن ختم ڪيو پيو، ان پويان پويان اسٽيبليشمينٽ جو ڪردار آهي ،مفاد پرست سياستدان سنڌ کي پوئتي ڌڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، هن چيو ته  سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي اسانکي اڳتي اچڻو آهي ۽ سرداري نظام اڳيان جهڪڻو ناهي، اسانکي تماشائي نه کپن، گل حسن ڪلمتي چيو ته 6 جون واري جدوجهد ڪامياب رهي، وڪيل توڙي صحافي برادري جو به اهم ڪردار ادا ڪيو آهي،  وڪيل محمد خان شيخ چيو ته سنڌ جي هر مسئلي تي جيڪو جنهن به مورچي تي موجود آهن ان کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، خداڏنو شاهه چيو ته سنڌ ايڪشن ڪاميٽي سنڌ جي سياسي شعور کي گڏ ڪيو آهي، حريف چانڊيي چيو اسان کي پنهنجيون ذميواريون نڀائڻيون پونديون، اصغر باغي چيو ته سنڌ جي وڪيلن جو بحريا معاملي تي ڪردار واکاڻ لائق آهي، آصف بالادي چيو ته ماضي جي سمورن تجربن مان سکي هاڻ اسان سنڌ کپي ٿي خودمختيار تي سوچڻو پوندو. روشن ٻرڙي چيو ته اسان هر مسئلي خلاف هر محاذ تي مزاحمت ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.