اسان ميڊيا وارا به ” سليڪٽڊ سچ“ ڳالهايون ٿا: حامد مير

لاهور(عوامي آواز نيوز) سينئر صحافي حامد مير چيوآهي ته جن اسان کي ميڊيا تان لاپتا ڪيو آهي، پاڪستان بدنام ٿيو آهي، ابصار عالم، اسدطور واقعن تي پاڪستان بدنام ٿيو، پهرين سيشن ۾ تقريرون ٿيون،لاهور ۾ عاصمه جهانگير ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته  قرآن چوي ٿو ته سچ ڳالهايو، پر اسان اڄ ڪلهه سليڪٽڊ سچ ڳالهايون ٿا،مثال طور تي هڪ حلف نامو آيو، اڳوڻي چيف جسٽس فلاڻي جج کي فون ڪيو، اهو رپورٽ ڪرڻ ضروري آهي ته مطيع الله جان کي ڪنهن کنڀيو؟ ابصار عالم کي گولي ڪنهن هنئي؟ اسدطور جي ايف آءِ آر ۾ ڇا لکيل آهي، توهان کي ڪو فون ڪري ٿو ته فلاڻي رپورٽر جي خبر غائب ڪري ڇڏيو ، اها فون مالڪن کي اچي ٿي، انهن کي گهرجي ته ڪال ڪندڙن کي ٽي وي تي وائکو ڪن، هن چيو ته توهان جيڪڏهن ٽي وي يا اخبار تي نٿا هلائي سگهو ته مطيع الله جان وانگر ئي ڪو وي لاگ ڪري ڇڏيو،منظور پشتين يا محسن داوڙ کي ڪنهن بليڪ آئوٽ ڪرايو، علي وزير تي ڪيس ڪنهن داخل ڪرايو، اسان سليڪٽڊ سچ ڳالهائي آزادي صحافت جا علمبردار بڻجي وڃون ٿا، اها منافقت ختم ٿيڻ گهرجي، توهان واقعي مسلمان آهيو ته پوءِ سچي مسلمان جي حيثيت سان ٻڌايو ته فون ڪال ڪير ٿو ڪري؟سينئر ابصار عالم چيو ته توهان ڪفر ۽ غداري جون فتوائون جاري ڪريو ٿا، پنجابين کي درخواست ڪريون ٿا ته بتن کي ڊاهيو، اسان هن ملڪ جا مالڪ آهيون،لاهور قرارداد پاس ٿيڻ وقت هن ملڪ جي عدليه ۽ جنرل برطانيا سان گڏ هئا،اهي اسان کي نٿا ٻڌائي سگهن ته حب الوطني ڇا آهي،  قاضي فائز عيسيٰ جو والد اسان کي ٻڌائي سگهي ٿو ته حب الوطني ڇا آهي،ڪنهن  جنرل کي حق ناهي ته آئين کان مٿانهون ٿئي يا پاڻ کي احتساب کان آجو قرار ڏئي، پاڪستان ۾ 138 صحافي قتل ٿي چڪا آهن، هڪ به ڪيس جو فيصلو ناهي آيو، ڇا اهو اسان جي عدل جي نظام لاءِ شرمساري جو سبب ناهي، اسان جي ٽيڪس سان هي ملڪ هلي ٿو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.