صنعتڪارن وياج جي شرح ۾ واڌ رد ڪري ڇڏي

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي جي صنعتڪارن مانيٽري پاليسي تحت وياج جي شرح ۾ ڏيڍ سيڪڙو جي واڌ رد ڪري ڇڏي آهي ۽ مطالبو ڪيو آهي ته وياج جي شرح ۾ واڌ فوري طور تي واپس ورتي وڃي، سائيٽ ايسوسيئيشن آف انڊسٽري جي صدر عبدالرشيد چيو آهي ته اسٽيٽ بئنڪ پاران وياج جي شرح وڌائي 8 ڏهائي 75 ڪرڻ صنعتي ترقي ۾ رڪاوٽ آهي، هن چيو ته وياج جي شرح وڌڻ سان صنعتي پيداوار گهٽجي ويندي، واڌ سان معيشيت کي فائدو نه پر نقصان ٿيندو، معاشي ماهر ڊاڪٽر اشفاق حسن وياج ۾ واڌ کي معيشت جي تباهي جو ٻيو مرحلو قرار ڏئي ڇڏيو آهي، سندس چوڻ آهي ته مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ وياج جي شرح ۾ واڌ ڪرڻ جو طريقيڪار بلڪل غلط آهي، فيڊريشن آف پاڪستان چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدر ناصر مگون جو چوڻ آهي ته بجلي، گئس ۽ خام مال جي اگهن ۾ واڌ سبب صنعتڪار ۽ واپاري اڳ ۾ ئي پريشاني جو شڪار آهن، وياج جي شرح ۾ واڌ سان ڪاروباري لاڳت اڃان به وڌي ويندي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.