ادارن جي باري ۾ لفظن جي چونڊ صحيح هئڻ گهرجي: احسن ڀون

اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ بار جي صدر احسن ڀون چيو آهي ته اسان جج صاحبان به مڃين ٿا ته فيصلن ۾ غلطيون ٿيون، ذوالفقار علي ڀٽو کي ناحق ڦاهي ڏني وئي،هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته  بيگم نصرت ڀٽو ڪيس ۽ ظفر علي شاهه ڪيس به اسان جي سامهون آهن، هن چيو ته افتخار چوڌري به 13جولاءِ واري فيصلي ۾ آئين جي ڪجهه شقن کي ناس ڪيو، ڊڪٽيٽر رڳو خاڪي وردي ۾ ناهي هتي ڪاري وردي ۾ به آمريت پسندي آهي،هن چيو ته جي آءِ ٽي بڻائڻ جو رواج افتخار چوڌري وڌو، سپريم ڪورٽ جو اختيار ئي ناهي ته جي آءِ ٽي قائم ڪري،ادارن جي باري ۾ ڳالهائيندي لفظن جي چونڊ صحيح ڪرڻ گهرجي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.