ڀارت ۾ ٻوڏ سبب 15 ماڻهو فوت، 100 کان وڌيڪ گم

نئين دهلي(م ڊ)ڀارت جي رياست آندرا پرديش ۾ لاڳيتن برساتن کان پوءِ آيل بوڏ سبب گهٽ ۾ گهٽ 15 ڄڻا فوت ۽ 100 کان وڌيڪ گم ٿي ويا آهن. چيني خابرو اداريمطابق گذريل ڏينهن مقامي ميڊيا  جي رپورٽن جي حوالي موجب ڄاڻايل ٻوڏ سان رياست جي چئن ضلعن چتور، ڪڙپه، ڪرنول ۽ اننت پور ۾ زندگي جو نظام شديد متاثر ٿيو آهي. نيشنل ڊيزاسٽر ريسپانس فورس جون تقريبن 7 ٽيمون ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ مقرر ڪيون ويون آهن. ميڊيا رپورٽن مطابق گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا لاءِ ريسڪيو آپريشن جاري آهي، جڏهن ته رياست جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ريل ۽ رستن جي آمد رفت پڻ متاثر ٿي آهي.

  • ڀارتي فوج هٿان  ڪولگام ۾ نوجوان شهيد

سرينگر (م ڊ) ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي فوجين پنهنجي رياستي دهشتگردي جي تازي ڪاروائي دوران اڄ ڪولگام ضلعي ۾ هڪ ڪشميري نوجوان کي شهيد ڪري ڇڏيو. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق فوجين نوجوان کي ضلعي جي علائقي اشموجي ۾ گهيراءُ ۽ ڳولا واري ڪاروائي دوران شهيد ڪيو. آخري اطلاع تائين علائقي ۾ ڀارتي فوج جو آپريشن جاري هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.