سوات، زوب ۾ زلزلي جا لوڏا، ماڻهن ۾ خوف

سوات: (م ڊ) خيبرپختونخواهه جي ضلعي سوات، ڀرپاسي ۽ بلوچستان جي علائقي زوب ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، جنهن سبب شهرين جو وڏو انگ خوفزده ٿي ويو. زلزلي سبب خيبرپختونخواهه جي مالاڪنڊ ڊويزن جي سوات ضلعي ۽ ڀرپاسي جا علائقا متاثر ٿيا، زلزلي جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 3.5 هئي جڏهن ته زلزلي جي گهرائي 125 ڪلوميٽر هئي ۽ ان جو مرڪز هندوڪش جبل هو. زلزلي سبب شهرين جو وڏو انگ خوف ۾ رهجي ويو ۽ ڪلمي طیبه جو ورد ڪندي گهرن کان ٻاهر نڪري آيا. ٻئي طرف بلوچستان جي علائقي زوب ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، زلزلي جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 4.2 هئي، زلزلي جي گهرائي 25 ڪلوميٽر هئي، زلزلي جو مرڪز زوب ويجهو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.