عدليه ڪٿي آهي؟ هڪ طاقتور 22 ڪروڙ عوام تي ڳرو آهي:علي احمد ڪرد/ڊڪٽيشن نه پيا وٺون، ڪنهن اداري جي دٻاءُ تي ڪو فيصلو ناهي ڏنو: چيف جسٽس

لاهور (م ڊ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد چيو آهي ته سپريم ڪورٽ فيصلا ڪرڻ ۾ آزاد آهي ۽ ڪنهن جي همت ناهي ته اسان کي روڪي، اڄ تائين ڪنهن اداري جي ڳالهه ناهي ٻڌي ۽ نه دٻاءُ کنيو آهي.لاهور ۾ عاصمه جهانگير ڪانفرنس سان خطاب ڪندي چيف جسٽس چيو اهو تاثر درست ناهي ته عدالتون آزاد ناهن ۽ ادارن جي دٻاءَ ۾ ڪم ڪري رهيون آهن، اسان هڪ حلف جا پابند آهيون، مان ڪڏهن ڪنهن اداري جو اداري جو دٻاءُ نه کنيو ۽ نه ڪنهن جي ڳالهه ٻڌي، مون کي نه ڪنهن گائيڊ ڪيو ۽ نه ڊڪٽيشن ورتي ته مان پنهنجو فيصلو ڪيئن لکان، مان ڪڏهن به ڪنهن جي چوڻ تي ڪو فيصلو نه ڪيو ۽ نه اڄ تائين ڪنهن کي جرئت ٿي آهي ته مون کي ڪجهه چئي.هن چيو ته ڪنهن به ڪڏهن منهنجي ڪم ۾ مداخلت نه ڪئي، مان سدائين انصاف ۽ ضمير موجب فيصلا ڪيا، عدالت ڪنهن جي مرضي سان نه فيصلا ناهي ڪندي، اڄ تائين ڪنهن کي همت ناهي ٿي ته اسان کي روڪي، ماڻهو غلط فهميون پيدا نه ڪن، ڏڦيڙ پيدا نه ڪن ۽ ادارن تان اعتماد ختم نه ڪن، ٻڌايو ڪنهن جي ڊڪٽيشن تي ڪهڙو فيصلو ٿيو آهي؟سندس چوڻ هو ته سڀني عدالتن جا جج محنت سان ڪم ڪري عوام کي انصاف فراهم ڪري رهيا آهن، عدالتون بنا ڪنهن دٻاءَ جي ڪم ڪري رهيون آهن، پنهنجي فيصلن لاءِ ڪنهن کان ڊڪٽيشن نه وٺندس، منهنجي عدالت ماڻهن کي انصاف ڏيندي آهي، عدالتون انصاف ۽ قانون موجب ڪم ڪري رهيون آهن ۽ فيصلا ڪرڻ ۾ آزاد آهن.چيف جسٽس گلزار احمد چيو ته ملڪ ۾ انسانن جي نه قانون جي حڪمراني آهي، آئين، قانون ۽ جمهوريت جي حمايت ڪندا رهنداسين، ڪنهن به غير جمهوري سيٽ اپ کي قبول نه ڪنداسين، اسان عهدو ڇڏي ڏينداسين، اڳ به ڇڏيو آهي،سينئر وڪيل ۽ سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر علي احمد ڪرد ڪانفرنس کي خطاب ۾ عدليه تي ادارن جي دٻاءُ جي دعويٰ ڪندي چيو ته ملڪ ۾ ڪهڙي عدليه موجود آهي، اهي عدالتون جن ۾ اسان ۽ لکين ماڻهو روز دادرسي ۽ انصاف لاءِ پيش ٿين ٿا،اهي پنهنجي ڇاتين تي زخم کڻي وڃن ٿا، هي عدليه انساني حقن جو تحفظ ۽ جمهوريت کي مضبوط ڪندي؟ هن چيو ته ملڪ ۾ عدليه ورهايل آهي، هي 22 ڪروڙ عوام جو ملڪ آهي ۽ هڪ طاقتور هن عوام تي ڳرو آهي، يا ان طاقتورکي هيٺ اچڻو پوندو يا ماڻهن کي مٿي وڃڻو پوندو، هاڻي برابري ٿيندي، ۽ طاقتور ۽ هڪ عام شهري ۾ ڪو به فرق نه هوندو ، هن عالمي انصاف منصوبي جي رول آف لا انڊيڪس 2021ع جو حوالو ڏيندي چيو ته انهي جنرل اسان جي عدليه کي دنيا جي 130 ملڪن مان 126هين نمبر تي پهچائي ڇڏيو آهي، ملڪ جو دانشور طبقو ڪڏهوڪو ختم ٿي چڪو آهي، انهي ڪري جيڪي اعليٰ عهدن تي ويٺل آهن اهي ننڍي قد جا ماڻهو آهن، هن چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهايو وڃي ۽ انهن جي اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهائينداسين جيڪي 70 سالن کان اسان کي اکيون ڏيکاري رهيا آهن، ملڪ ۾ هاڻي ڪا قيادت ناهي رهي، جيڪو به ايندو اهو ننڍي قد جو شخص هوندو، هي ملڪ جنهن حالت ۾ پهچي ويو آهي، ملڪ جي عوام کي چوان ٿو ته ٻاهر نڪرو، ڇو ته هي ملڪ هٿن مان واري جي ذرن وانگر ختم ٿي رهيو آهي، اڃا به وقت آهي ته پاڻ سنڀاليون نه ته جن حالتن ڏانهن هي وڃي رهيو آهي اسان ان کي برقرار نه رکي سگهنداسين

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.