عدليه غلطين جو اعتراف ڪري، ماضي جون غلطيون نه ورجائينداسين: جسٽس اطهر من الله

لاهور(م ڊ) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته آئين انساني حقن جي تحفظ جي ضمانت ڏئي ٿو، معلومات جو حصول ۽ عورتن جي تعليم جو حصول اهم بنيادي حق آهن، لاهور ۾ عاصمه جهانگير جي ياد ۾ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته جمهوريت گهرڻ سان نٿي ملي، اهو عوام جو حق هوندو آهي، اسان دنيا جي پهري 48 ملڪن ۾ هئاسين جن عالمي انساني حقن جي مسودي تي صحيح ڪئي، هن ورلڊ پريس فريڊم انڊيڪس جو حوالو ڏيندي چيو ته 2017-18 جي رپورٽ مطابق 180 ملڪن ۾ پاڪستان جو 130هون نمبر هو، اهو ناقابل معافي آهي، جيڪڏهن وزيراعظم قومي نشرياتي اداري تي پارٽي ليڊر طور ڳالهائي ٿو ته اپوزيشن کي به ان جو پورو حق آهي، ان کان اڳ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته عدليه کي تاريخي فيصلن تي فخر هئڻ گهرجي ۽ غلطين جو اعتراف به ڪرڻ گهرجي، 2007ع ۾ وڪيلن تاريخي جدوجهد جي سرواڻي ڪئي، اها تحريڪ ججن جي بحالي نه آزادي۽ جمهوريت لاءِ هئي، هن چيو ته ڊوسوڪيس، محترمه نصرت ڀٽو ڪيس ۽ ظفر علي شاهه ڪيس عدليه جي تاريخ جو حصو آهن جن کي اسان مٽائي نٿا سگهون، انهن فيصلن غيرجمهوري طاقتن کي مضبوط ڪيو، هن چيو ته هڪ چونڊيل وزيراعظم کي دٻاءُ ۾ اچي ڦاسي جي سزا ٻڌائڻ اداري لاءِ شرمندگي جو سبب آهي،هن چيو ته علي احمد ڪرد جي تقرير مان خبر پئي ته ماڻهو ۽ بار ايسوسيئيشنز ججن جي باري ۾ ڇا ٿيون سوچين، ماضي ۾ عدليه جيڪي غلطيون ڪيون انهن کي نه ورجائينداسين چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ جسٽس امير ڀٽي چيو ته انساني حق جمهوري معاشري جو بنياد آهن، عدليه ماڻهن جي حقن جي محافظ آهي،سپريم ڪورٽ بار جي صدر احسن ڀون چيو ته جمهوري نظام مسئلن جو شڪار آهي، هر دور ۾ عدليه تي ڀاڙيو ويو، هر متاثر ڌر کي اپيل جو حق هئڻ گهرجي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.