پاڪستان انصاف جي نظام ۾ پوئين نمبرن تي آهي: نهال هاشمي

اسلام آباد(م ڊ) ن ليگ اڳواڻ نهال هاشمي چيو آهي ته اسان دنيا ۾ انصاف لاءِ 126 هين نمبر تي آهيون،جسٽس اطهر من الله، علي احمد ڪرد ۽ قاضي فائز عيسيٰ جيڪي ڳالهيون ڪيون، انهن کي ڏسڻو پوندو، پ پ اڳواڻ سسئي پليجو چيو ته فيض احمد فيض جي ورسي جي موقعي تي چونديس ته بول ڪي لب آزاد هين تيري، عدليه جو ڪردار سڀني کان اهم هوندو آهي، اسان سدائين عدليه کي عزت ڏني آهي پر ڪجهه ته ٽرٿ ڪميشن بڻجڻ گهرجي، عدليه قانون جي حڪمراني لاءِ ڪردار ادا ڪري، پي ٽي آءِ اڳواڻ ڪنول شوزب چيو ته مريم نواز ۽ نوازشريف ملڪ جي ادارن کي تباهه ڪيو انهن ججن کي ڊڪٽيشن لاءِ  بريف ڪيس به موڪليا، چيف جسٽس صحيح چيو آهي ته اسان ڪنهن جي ڊڪٽيشن تي نٿا هلون، پ پ ڪڏهن به ادارن تي حملا ناهن ڪيا، ان ڳالهه تي مان پ پ جي ساراهه ڪنديس

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.