پي ڊي ايم اجلاس جي ٽئين لهر به ناڪام ٿي وئي:فيصل جاويد

اسلام آباد(م ڊ) سينيٽر فيصل جاويد خان چيو آهي ته مخالف ڌر جي اتحاد جي پي ڊي ايم اجلاس جي ٽئين لهر به بری طرح ناڪام ٿي وئي آهي. هڪ بيان ۾ فيصل جاويد چيو ته سموريون پارٽيون گڏجي ڪم ڪن ته پي ٽي آءِ جي اجلاس ۾ 10 سيڪڙو به ماڻهو گڏ نه ٿي سگهندا. پي ٽي آءِ سينيٽر وڌيڪ چيو ته پي ڊي ايم ناڪام ٿي چڪي آهي ۽ اي وي ايم ڪامياب ٿي آهي، اپوزيشن کي تعميري اپوزيشن طرف هلڻو پوندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.