معصوم ڪانها ڪمار جي خون سان انصاف ڪيو وڃي: اياز پليجو

حيدرآباد( رپورٽر)  قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي ٻٻرلوءِ  ۾ معصوم ٻالڪ ڪانھا سچديو کي وحشي جوابدارن پاران اغوا ڪري بدفعلي کان پوءِ سروٽا ھڻي بيدردي سان قتل ڪرڻ واري واقعي جي مذمت ڪندي سنڌ حڪومت ۽ چيف جسٽس ھاء ڪورٽ سنڌ کان مطالبو ڪيو آھي ته فوري طور ھن وحشتناڪ واقعي جو نوٽيس وٺي معصوم ڪانھا سچديو ڪمار جي خون سان انصاف ڪيو وڃي، اياز لطيف پليجي چيو ته اسان وٽ عورتن، ٻارن ۽ انسانن جي حقن جا قانون ته موجود آھن پر مفاھمت ۽ ڪرپٽ حڪمران پنھنجن سياسي مفادن لاءِ ڪنھن به قانون تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار ناھن، جنھنڪري سنڌ ۾ انساني حقن جو سنگين ڀڃڪڙيون ٿينديون رھن ٿيون. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ ۾ ٻيھر بدامني جي باهه ڀڙڪي وئي آھي. سنڌ ۾ ڪڏھن تانيا ته ڪڏھن وزيران، ڪڏهن نائلا رند، ته ڪڏھن ناظم جوکيو، فھميده سيال، عثمان سومرو، قرئت العين عرف عيني بلوچ بيگناھ قتل ڪئي وڃي ٿي، حڪمران سنڌ کي المناڪ سانحن جي سرزمين بڻائي ڇڏيو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.