تنگواڻي واسي نوجوان ڪراچي ۾ تشدد ڪري قتل

تنگواڻي(رپورٽ: مھتاب ملڪ) تنگواڻي جي ڳوٺ عبدالطيف جروار واسي پورهيت نوجوان دوست محمد کوسي جو تشدد ٿيل لاش ڪراچي جي ڊفينس فيز  2 واري علائقي ۾ هٿ ڪيوويو، وارثن پاران ٺيڪيدار مٿان قتل جو الزام،  سندس ڀاءُ علي محمد کوسو جي فرياد تي قيوم آباد ڊيفينس پوليس ٿاڻي 5 نامعلوم جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، قيوم آباد پوليس شڪ جي بنياد تي چوڪيدار شير گل پٺاڻ کي گرفتار ڪري ورتو، هوڏانهن مبينا قتل ٿيل پورهيت دوست محمد جي ڀاءُ هادي بخش کوسو رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته مقتول پورهيت ڀاءُ ڪراچي ۾ بلڊنگ جي مرمت ۾ مزدوري ڪندو هو، ڪجهه ڏينهن اڳ ڀيڻوي غلام الرسول سان رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته هُن جي ڪم دوران ڪنهن سان منهن ماري ٿي ۽ بعد ۾ سرچاءُ به ٿيو، پورهيت جي جسم تي تشدد ٿيل آهي جاچ ۾ ٺيڪيدار ۽ بلڊر کي شامل ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.