ڪراچي ۾ باهه جا واقعا وڌي ويا، 100 جهوپڙيون سڙي ويون، آئل ٽئنڪر کي به باهه

ڪراچي (رپورٽ: حفيظ ڦلپوٽو) ڪراچيءَ ۾ لياقت آباد جي تين هٽي واري علائقي ۾ جهوپڙين کي باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 100 جهوپڙيون سڙي ويون، فائربرگيڊ عملي ڪيترن ئي ڪلاڪن جي ڪوششن بعد باهه تي ضابطو آندو، متاثر خاندان ٻچن سوڌو کُليل آسمان هيٺ بي يار وَ مددگار ويٺل آھن، سندن چوڻ آهي ته اجها سڙڻ کان پوءِ ڪابه ڇپر ڇانوَ ناهي بچي، اناج ۽ بسترن سوڌو سمورو سامان سڙي ويو، ٻچن کي وٺي ڪيڏانهن وينداسين، هنن اعليٰ اختيارين کي سهائتا جي اپيل ڪئي وئي آھي، جڏھن ته چيف فائر آفيسر مبين احمد جو چوڻ هو ته اندازي موجب لڳ ڀڳ 100 جھوپڙيون هيون جيڪي مڪمل طور تي سڙي ويون آهن، باهه لڳڻ جو سبب اڃا تائين معلوم نه ٿي سگهيو آهي، باهه سبب ڪو جاني نقصان به نه ٿيو آهي، ياد رهي ته گذريل سال به رات جي وقت هتي ئي باهه لڳي هئي، ٻئي پاسي ڪراچي جي علائقي صدر ۾ پارڪنگ پلازه وٽ پيٽرول پمپ تي بيٺل آئل ٽئنڪر کي اوچتو باهه وڪوڙي وئي، فائر برگيڊ عملي سان گڏ پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن پيٽرول پمپ تي پهچي علائقي کي گهيري ۾ آندو، جڏهن ته فائر برگيڊ جي 3 کان وڌيڪ گاڏين باهه وسائي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.