شھري کي ناحق قيد ڪري 3 لک ڀنگ گهرندڙ ايس ايڇ او ٿاڻو ڇڏي فرار

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ بلوچ ڪالوني ٿاڻي تي پوليس پاران بيگناهه هڪ شهري کي ناحق قيد ڪرڻ تي وڪيل جي درخواست تي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سائوٿ جي حڪم تي جوڊيشل مئجسٽريٽ 7 سائوٿ مظهر علي ٿاڻي تي ڇاپو هنيو ۽ ناحق قيد ڪيل شهري کي آزاد ڪرايو، ناحق قيد ڪيل شھري محمد عابد ڪار پينٽر آهي پوليس کيس 2 اڳ بغير ڏوھ جي لاڪپ ڪري قيد ڪري ڇڏيو هو جنهن جي زوزنامچي ۾ ڪا به انٽري نه هئي، ايس ايڇ او بلوچ ڪالوني ارشاد سومرو ۽ ان جي بيٽر ڪامران شھري کان 3 لک روپيا ڀنگ گهريو هو، سول جج جوڊيشل مئجسٽريٽ ايس ايڇ او بلوچ ڪالوني ۽ سندس بيٽر ڪامران کي سومر تي ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.