زال کي مارڻ جي ڪوشش دوران اي ايس آءِ پاڻ کي ماري ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي سپر هاءِ وي ٿاڻي جي حد گلشن معمار جي علائقي ابوزر غفار سوسائٽي ڀرسان واقعي رھائشي اپارٽمينٽ جي فليٽ نمبر بي 303 ۾ فائرنگ جي پراسرار واقعي ۾ ھڪ شخص فوت ٿي ويو، جنھن جو لاش عباسي شھيد اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندس سڃاڻپ 40 ورهين جي طارق يامين ولد شاڪر جي نالي سان ٿي،فوت ٿي ويل شخص پوليس کاتي ۾ اي ايس آءِ هو، چيو وڃي ٿو ته اي ايس آءِ خودڪشي ڪئي آهي،جنهن جو ڪارڻ گهريلو اڻبڻت آهي، پوليس موجب اي ايس آءِ طارق سيڪيورٽي 2 ۾ مقرر هو، ايس ايڇ او امام بخش لاشاري موجب پوليس اھلڪار طارق جون ٻه شاديون ٿيل هيون، سندس ٻي زال سان جهيڙو ٿيندو رهندو هو، پوليس جو چوڻ آهي ته جهيڙي دوران اهلڪار پنهنجي زال لاءِ پستول ڪڍيو پر هن پاڻ کي گولي هڻي ڇڏي، جيڪا سندس مٿي مان پار ٿي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.