روهڙي ۾ ڇتن ڪتن جاحملا، ٻارن سميت 11 زخمي

سکر (رپورٽر) روهڙي شهر جي مصروف ترين علائقي شاھي بازار ۾ ڪتن  ٻن معصوم ٻارڙن سميت 11 ڄڻن کي ڏاڙهي سخت زخمي ڪري وڌو زخمين ۾ 5 سالن جي نينگر وقار احمد،سميت 11 ماڻهن  وحيد علي، شيخ، نعيم شيخ، وقار احمد خلجي ،اعجازِ شيخ،عباس علي ،حسين بخش ۽ ٻين کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيوجنهن بعد وارثن زخمين کي ويڪسينيشن لاءِ تعلقه اسپتال روھڙي پهچايو جتي ڪتن جي ڏاڙھيل مريضن کي ويڪسينيشن ڪئي وئي، رولو ڇتن ڪتن جي ڏاڙهيل زخمين جي وارثن جو چوڻ هو ته  شهر ۽ آس پاس جي علائقن ۾ رولو  ڇتن ڪتن جو آزار وڌي ويو آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.