ڪراچي ۾ واپاري اغوا، 51 لک ڦر ۽ ڪاغذن تي صحيح ڪرائي وئي

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ ڏينهن ڏٺي جو واپاري کي اغوا ڪري ڪاغذ تي صحيحون ڪرائڻ ۽ 51 لک رپيا روڪ ڦر ڪرڻ کانپوءِ کيس  تشدد جو نشانو بڻائي حب چوڪي ۾ آزاد ڪيو ويو، ڪالهه ڪراچي جي علائقي صدر اليڪٽرانڪ مارڪيٽ جي واپاري جو پيڇو ڪري کيس اغوا ڪيو ويو، واقعي جو متاثر واپاري جي فرياد تي عزيز ڀٽي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته چمن جي واپاري کيس 2 ڏينهن اڳ زمين خريد ڪرڻ جي بهاني پئسا کڻي اچڻ لاءِ چيو، واپاري کي سندس دوست پهرين گلشن اقبال ۾ گهمايو پوءِ ڊبل ڪيبن گاڏي ۾ ڪجهه ماڻهون آيا، جيڪي کيس اليڪٽرانڪ مارڪيٽ مان ئي اغوا ڪري ويا، جنهن جا سي سي ٽي وي موجود آهن، واپاري جو چوڻ آهي ته کيس حب ۾ تشدد ڪري روڪ رقم ڦر ڪئي وئي ۽ هڪ ڪاغذ تي صحيحون ڪرايون ويون آهن جنهن کان پوءِ مون کي آزاد ڪيو ويو، اليڪٽرانڪ مارڪيٽ ايسوسيئيشن صدر پاران جوابدار گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.