سنڌ سرڪار نوٽيس نه ورتو، ويڪسينيٽرن جي 18هين ڏينهن به بک هڙتال

ڪراچي(رپورٽر) ويڪسينيشن ويلفيئر ايسوسيئيشن سنڌ پاران ملازمن کي ٽائيم اسڪل نه ملڻ ۽ 336 برطرف ملازمن جي بحالي  لاءِ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان 18 هين ڏينهن به بک هڙتال ڪئمپ قائم،ڪئمپ ۾ مرد توڙي عورتون وئڪسينيٽر وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي ويڪسينيٽر اڳواڻ مولابخش چانڊيو،خدا بخش قريشي،غياث الدين، نثار منگي،الله بخش سنگراسي ۽ ٻين چيو ته چيو ته  اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس 336 ويڪسينيٽر سڄي سنڌ ۾ هئا جن کي  پگهارون ڏئي اچانڪ نوڪري تان برطرف ڪيو ويو آهي،جيڪا انهن سان سراسر ناانصافي آهي انهن کي فوري طور تي بحال ڪيو وڃي، انتظاميا پاران خاطرائي ڪرائي پنهنجي ڪيل واعدي تان ڦري وئي،هنن چيو ته سنڌ حڪومت روبيلا مهم ويڪسنيٽرن جي ملازمن سان گڏو گڏ ٻارن جو به نقصان ڪري رهي آهي جڏهن ته روبيلا مهم لاءِ جيڪي ويڪسينٽر رکيا ويا آهن انهن کي خبر  ئي ناهي ته ٻارن کي ٽِڪا ڪيئن لڳندا آهن،هنن چيو ته نان ٽيڪنيڪل وئڪسنيٽرن جون سوشل ميڊيا تي تصويرون ۽ وڊيو جيڪي وائرل ٿيون آهن ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو حڪومت ڪهڙن نااهل وئڪسنيٽرن کي مهم شامل ڪيو ويو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.