پاڪستان بنگلاديش کي شڪست ڏئي سيريز پنهنجي نانءُ ڪري ورتي

ڍاڪا (م ڊ) پاڪستان ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ بنگلاديش کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي 3 ميچن جي سيريز 0-2 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي، ڍاڪا ۾ بنگلاديش جي ڪپتان محمود الله ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ ميزبان ٽيم مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي رڳو 108 رنسون ٺاهي سگهي، بنگلاديش طرفان نجم الحسين 40 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو، جڏهن ته افيف حسين 20، ڪپتان محمود الله 12، نور الحسن 11 رنسون ٺاهيون، ٻين مان ڪو ڊبل فگر ۾ به نه پهتو، پاڪستان طرفان شاهين آفريدي ۽ شادب خان 2-2 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته محمد وسيم، حارث رئوف ۽ محمد نواز هڪ – هڪ شڪار ڪيو، جواب ۾ گرين شرٽس گهربل هدف 18.1 اوورن ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري نه رڳو ميچ پر سيريز به پنهنجي نالي ڪري ورتي، پاڪستان طرفان فخر زمان 57 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي، جڏهن ته محمد رضوان 39 رنسون ٺاهي ٻيو ٽاپ اسڪورر رهيو، واضح رهي ته پاڪستان گذريل ڏينهن پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ بنگلاديش کي دلچسپ مقابلي کانپوءِ 4 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي، ائين گرين شرٽس 3 ميچن جي سيريز ۾ 0-2 جي فيصلائتي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ 22 نومبر سومر تي ڍاڪا ۾ کيڏي ويندي.

  • ڪورنگي ۾ سيل ڪيل فيڪٽري ۾ ٻيهر باهه

ڪورنگي ( رپورٽ اميرجان چانڊيو ) ڪورنگي ۾ باهه سانحي ۾ 22 ورڪرن جي سڙي فوت ٿيڻ واري واقعي بعد سيل ڪيل فيڪٽري اندر ٻيهر باهه لڳي وئي پوليس بروقت واقعي واري هنڌ پهچي سيل ڪيل تالا ٽوڙي فائر برگيڊ گاڏين کي طلب ڪري باهه تي ظابطو آندو رينجرز جا جوان پڻ پهچي ويا فيڪٽري اڳواٽ سيل هئڻ سبب ڪو به جاني نقصان نه ٿيو. ابتدائي جاچ مان معلوم ٿئي ٿو ته نشي جي عادي ماڻهن فيڪٽري اندر داخل ٿي باهه ڏني آهي پوليس. ڪورنگي جي علائقي مهراڻ ٽائون سيڪٽر ايف 6 ۾ 27 آگسٽ تي بريفڪيس ٺاهيندڙ فيڪٽري اندر لڳل باهه  واقعي ۾ 22 قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيڻ بعد سيل ڪيل فيڪٽري کي هڪ ڀيرو ٻيهر اوچتو باهه لڳي وئي اهڙو اطلاع ملڻ تي ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ٿاڻي جي پوليس بروقت پهچي سيل ڪيل تالا ٽوڙي اندر داخل تي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ فائربرگيڊ گاڏين کي طلب ڪري باهه تي ضابطو آندو جڏهن ته باهه جي اطلاع تي رينجرز جي جوانن سميت ڊي سي ڪورنگي سليم الله اوڍو باهه جي اطلاع تي واقعي واري هنڌ پهچي پهچي  صورتحال جو جائزو ورتو

  • سرور باري جي فنڊنگ بابت  جاچ جي هدايت ڪئي آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد (م ڊ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اڪنامڪ افيئرز ڊويزن ۽ ايف آءِ اي کي فافن جي اڳوڻي سربراهه سرور باري جي فافن جي حڪومت مخالف پريس ڪانفرنس جي فنڊنگ ۽ ورڪنگ جي حوالي سان سنگين الزامن جي جاچ جي هدايت ڪئي آهي. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته فافن جي اڳوڻي سربراهه سرور باري فافن جي مقامي هوٽل ۾ حڪومت مخالف ڪانفرنس جي فنڊنگ ۽ ورڪنگ جي حوالي سان سنگين الزام هنيا آهن، مون اڪنامڪ افيئرز ڊويزن ۽ ايف آءِ اي کي هدايت ڪئي آهي ته انهن الزامن تي جاچ ڪن ۽ قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.