معذور ڇوڪري نادرا خلاف قانوني جنگ کٽي وئي

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ معذور ڇوڪري روينيه نادرا جي خلاف قانوني جنگ ۾ ڪامياب ٿي وئي، پيءُ جي بغير سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهڻ کان نادرا انڪار ڪري ڇڏيو هو، عدالت ماءُ جي سڃاڻپ ڪارڊ تي سي اين آءِ سي جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت ۾ وڪيل جو چوڻ هو ته روينيه جو پيءُ ڇوڪري پيدا ڪرڻ کان پوءِ سندس ماءُ  کي ڇڏي هليو ويو هو، ان وٽ معذوري جو سرٽيفڪيٽ موجود آهي، هن جو چوڻ ته سفر ڪرڻ ۽ ويڪسين ڪرڻ سميت ٻين ڪمن ۾ تڪليفون پيش اچي رهيون آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.