رڪشو ھلائڻ بهاني الٽو گاڏيون چوري ڪندڙ 2 جوابدار مقابلي دوران سوگها

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ اي وي ايل سي پوليس جو ڪار لفٽرن سان مقابلو ٿي پيو، مقابلي ۾ هڪ ڪار لفٽر زخمي ٿي پيو جنھنکي سندس ٻئي ساٿي سميت گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته هڪ جوابدار فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، پوليس موجب جوابدار رڪشو ھلائڻ دوران خاص طور تي سوزوڪي الٽو گاڏين تي نظر رکندا هئا ۽ موقعو ڏسي گاڏيون چوري ڪندا هئا، جوابدارن جا سي سي ٽي وي ڦوٽيجز به سامهون آيا آهن، گرفتار جوابدارن ۾ اشفاق ولد اظھر ۽ ايوب ولد منظور شامل آهن.

  • سياسي جماعتن اسٽيٽ بئنڪ کي پنهنجي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو:ناڻي وزارت

اسلام آباد (م ڊ) ناڻي واري وزارت جي ترجمان مزمل اسلم چيو آهي ته ماضي ۾ سياسي جماعتن اسٽيٽ بئنڪ کي پنهنجي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو. کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. گذريل ڏينهن ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي نقطن جو جواب ڏيندي هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ کي پنهنجي اثر هيٺ آڻي، سياسي جماعتن پنهنجي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو. هن چيو ته غريب ماڻهو جو نالو وٺي وٺي سمورا قرض پاڻ کڻي ويندا هئا. ڊار ٻڌائي ته ماضيءَ ۾ ڪيترن غريبن کي گهر، روزگار ۽ زراعت لاءِ قرض ڏنا. هن اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر کي پنهنجي اثر هيٺ ڇو رکيو؟

  • ٻارن کي گم ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ آگاهي ڦهلائڻ ضروري آهي: سعيد غني

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ ليبر واري صوبائي وزير سعيد غني نيو ڪراچي ۾ گمشده ٻارن جي بازيابي جي لاءِ ڪم ڪندڙ رفاعي انجمن (NGO )  روشني هيلپ لائين جي اهتمام هيٺ گمشده ۽ بي گهر ٻارن جي لاءِ شيلٽر هوم جو پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب سان خطاب ڪندي  چيو ته ٻارن کي گم ٿيڻ ۽ لاپتا ٿيڻ کان بچائڻ جي لاءِ اجنبي ۽ غير لاڳاپيل ماڻهن سان تعلق نه رکڻ جي آگاهي ۽ شعور جو ڦهلائڻ تمام ضروري آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڪوئي حجاب يا جهجهڪ نه ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته  ته هو ٻارن جي گم ٿيڻ جي ڪري پريشاني ۽ تڪليف کان آگاهه آهن ڇو ته هن جو پنهنجو پٽ اسلام آباد جي هڪ پارڪ مان 45 منٽن جي لاءِ گم ٿي ويو هوته اهي لمحا انهن جي زندگي جا خوفناڪ لمحا هئا. روشني هيلپ لائين جي چيئرمين محمدعلي چيو ته هن بي گهر ۽ گمشده ٻارن جي لاءِ پناهه گاهه جي عمل جي شروعات ڪئي ان موقعي تي ڊائريڪٽر پريس انفارميشن سليم خان، جعفريه ڊيزاسٽر ڪميٽي جو سربراهه ظفر عباس، سيلاني ويلفيئر جو افضل چامڙيه ۽ ٻيا معزز شهري پڻ موجود هئا.

  • اسلام آباد ۾ سينيٽر جي گهر ۾ ڌاڙو

اسلام آباد(م ڊ) وفاقي راڄڌاني ۾ بدامني وڌي وئي، 5 اڻ ڄاتل هٿياربند سينيٽر نزهت صادق جي گهر ۾ گهڙي آيا ۽ ملازمن کي يرغمال بڻائي سڄو گهر ٻهاري ويا، پوليس جو چوڻ آهي ته واردات وقت سينيٽر نزهت صادق ۽ سندس پٽ گهر ۾ موجود نه هئا، ۽ ڪم ڪار جي سلسلي ۾ لاهور ويل هئا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.