نئين قانون سازي سياست ۾اسٽيبلشمينٽ جي پڪڙ مضبوط ڪري ڇڏي،: فضل الرحمان

پشاور(م ڊ) پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان وزيراعظم کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته نئين قانونسازي سان اسٽيبلشمينٽ جي پڪڙ وڌيڪ مضبوط ڪري ڇڏي آهي، پشاور ۾ مهانگائي خلاف نڪتل ريلي کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته موجوده ناجائز ۽ نااهل حڪومت جي ناڪام معاشي پاليسي ۽ مهانگائي خلاف عوام روڊن تي آهي، هن چيو ته عمران خان پاڪستان جي سياست جو غير ضروري عنصر آهي، هي عوام جو نمائندو نه پر ڪنهن جو ڪٺ پتلي آهي، هي حڪمران قوم تي مڙهيل آهن، قوم کي اهڙن حڪمرانن مان ڇوٽڪارو ڏياريو ويندو.مولانا فضل الرحمان چيو ته عمران خان اسان جي معيشت کي اولهه جي ادارن وٽ گروي بڻائي ڇڏيو آهي، مهانگائي سبب ماڻهو پنهنجن ٻارن کي وڪڻڻ تي مجبور ٿي ويا آهن پر ڪير وٺڻ لاءِ تيار ناهي، فضل الرحمان چيو ته اسٽيبلشمينٽ کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته جيڪڏهن توهان کي پنهنجي عزت پياري آهي ۽ پنهنجو احترام عزيز آهي ۽ پاڪستان جي هڪ قدر جوڳي اداري جي حيثيت ۾ پنهنجون ذميواريون نڀائڻ چاهيو ٿا ته توهان ان جي پٺيان هٽي وڃو، جيستائين توهان ان جي پٺيان بيٺل آهيو تيستائين اسان جا پٿر ايندا رهندا، جيڪي ان کي لڳن يا نه لڳن، اسٽيبلشمينٽ کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته توهان جي سيني ۾ ضرور لڳندا، هن چيو ته ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن کي مصلحتن جي سياست ڪمزور ڪري ڇڏي، ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن کي حڪومتن جون مجبوريون ڪمزور ڪري ڇڏين، ڪنهن کي پنهنجن مفادن جون ڪمزوريون مجبورڪري ڇڏين، پر اسان کي نه اقتدار جي لالچ آهي، نه مفادن جي، ميدان ۾ نڪتا آهيون ايستائين وڙهنداسين جيستائين ناجائز حڪومت کي سمنڊ بدر نه ڪنداسين، مولانا فضل الرحمان اسٽيبلشمينٽ کي مخاطب ٿي چيو ته توهان ڪالهه پارليامينٽ کي پنهنجو رانديڪو بڻايو، اسين ان جا شاهد آهيون، توهان حڪمرانن جي صفن ۾ ويٺل ماڻهن کي ٽيليفون ڪري ڌمڪيون ڏنيون آهن، توهان پنهنجا نمائندا موڪلي انهن کي ڌمڪيون ڏنيون ته جيڪڏهن توهان پارليامينٽ اجلاس ۾ نه ويا ۽ حڪومت جي حق ۾ ووٽ نه ڏنا ته هي ڪيس توهان جي خلاف به ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته توهان مخالف ڌر جي ميمبرن کي فون ڪيا ته اجلاس ۾ نه وڃجو، ووٽ نه ڏجو، اسين توهان جي ان شڪي ڪردار کي نفرت جي نظر سان ڏسي رهيا آهيون ۽ توهان کي کليل ميدان ۾ پنهنجو هي پيغام پهچائڻ چاهيون ٿا، جي يو آءِ سربراهه چيو ته پاڪستان ۾ سياست ڪرڻي آهي ته آزادي طرف وڌڻو پوندو، انهن کان آزادي حاصل ڪرڻي پوندي، اسين فوج کي هڪ اداري جي حيثيت ۾ احترام ڪريون ٿا، فوج کي غير جانبدار ڏسڻ چاهيون ٿا، هن چيو ته اسين نه ٿا چاهيون ته فوج جهڙي اداري کي عام جلسن ۾ بحث هيٺ آڻيون، پر ان جو دارومدار اسان تي نه پر خود ان جي ڪردار تي ان جو دارو مدار آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.