سڌو جو عمران خان کي ڀاءُ چوڻ بي جي پي کان برداشت نه ٿيو

لاهور(م ڊ) بي جي پي کي نوجوت سنگهه سڌو جو پاڪستان جي وزير اعظم عمران خان کي  ڀاءُ چوڻ برداشت نه ٿيو. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب مودي حڪومت جي ترجمان سمبت پاترا چيو آهي ته سڌو جو پاڪستان جي وزيراعظم کي ڀاءُ چوڻ تي ڀارت ۽ ان جي عوام لاءِ پريشان ڪندڙ آهي، سرحدي رياستي قيادت تي ڳالهائڻ کان اڳ سنجيدگيءَ جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. ٻئي طرف، بي جي پي اڳواڻ اميت مالويا به سڌو جي هڪ وڊيو شيئر ڪندي مٿس تنقيد ڪئي آهي.

  • فضل الرحمان جو پارلياماني سياست ۾ ڪو ڪردار نه آهي: فرخ حبيب

اسلام آباد(م ڊ) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته فضل الرحمان جو پاڪستاني پارلياماني سياست ۾ ڪو ڪردار نه آهي، پارليامينٽ بابت اهي ئي ڳالهه ڪرڻ جا مجاز آهن جيڪي پارليامينٽ جو حصو آهن، پي ڊي ايم انهن جو ناڪام ترين پروگرام آهي، تاريخن تي تاريخون انهن جو شيوو بڻجي چڪو آهي، فضل الرحمان 3 سالن کان سياسي بيروزگار آهي، پنهنجي روزگار جي لاءِ جمهوري حڪومت جي خلاف سازشن ۾ مصروف آهي، جنهن جو پنهنجو دامن ۽ ماضي داغدار هجي اهو صادق ۽ امين قرار ڏنل وزيراعظم عمران خان جي خلاف ڪهڙي منهن سان ڳالهه ڪري ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.