عورتن کي شرعي حق کان محروم رکڻ مڪروهه عمل آهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (م ڊ ) سپريم ڪورٽ عورتن جي وراثت بابت تحريري فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ عورتن جي وراثت بابت فيصلو لکيو، جنهن ۾ مردن طرفان عورتن کي وراثت جي شرعي حق کان محروم رکڻ کي نفرت جوڳو ۽ مڪروهه عمل قرار ڏنو ويو آهي، عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته مردن جو عورتن کي شرعي حق کان محروم رکڻ مڪروهه عمل آهي ۽ عورتن کي شرعي وراثت کان محروم ڪرڻ الله جي حڪم جي به ڀڃڪڙي آهي، عدالت موجب فراڊ ۽ ٻين حربن سان عورتن کي شرعي وراثت کان محروم رکڻ عام آهي پر عورتن لاءِ وراثت کان محرومي تڪليف جو سبب بڻجي ٿي، ملڪ ۾ هر ڏينهن مرد وارث عورت وارث کي حق کان محروم ڪري ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.