حڪومت ٻڌائي ته ملڪ ۾ مهانگائي ڇو ٿي: شاهد خاقان

پشاور (م ڊ) پشاور ۾ جلسي کي خطاب ڪندي ن ليگ اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته مهانگائي وڌي رهي آهي، اسان جو حڪومت کان سوال آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي ڇو آهي؟ هن چيو ته گڏيل اجلاس قانون سازي لاءِ گهرايو ويو پر قانون سازي عوامي مسئلن جي حل لاءِ ناهي. ڀارتي ايجنٽ ڪلڀوشن ياديو کي اين آر او ڏنو ويو. قانون سازي تي وڌيڪ ڳالهائيندي هن چيو ته جيڪڏهن عوام جي راءِ کي قانون سازي ۾ شامل نه ڪيو وڃي ته پوءِ ان جي ڪا حيثيت ناهي پر هتي اتحادين کي ڌمڪيون ڏئي قانون سازي ڪئي وئي آهي. شاهد خاقان عباسي سوال ڪيو ته ملڪ ۾ گئس جي کوٽ ڇو آهي؟ پر ڪنهن وٽ به ڪو جواب ناهي ۽ جيڪي ماڻهو عوامي نمائندا نه آهن انهن کي عوام تي مسلط ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اڄ ملڪ ۾ مهانگائي سبب هر ماڻهو پريشان آهي پر اڄ اسان سڀ ملڪ لاءِ متحد آهيون. حڪومت اي وي ايم ذريعي چونڊون چورائڻ چاهي ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.