پورٽ قاسم تي ايل اين جي جهازن جو اچڻ گهٽجي ويو، گئس جو بحران

ڪراچي(م ڊ) پورٽ قاسم جي هڪ ايل اين جي ٽرمينل تي جهازن جي آمد ۾ 50 سيڪڙو گهٽائي ٿي وئي آهي، ذريعن موجب ايل اين جي ٽرمينل تان 330 ملين مڪعب فٽ روزانو گئس جي کوٽ ٿي رهي آهي، 4 ڏينهن کان ايل اين جي جي سپلا گهٽجي وئي آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته جنوري تائين جهازن جي آمد 50 سيڪڙو گهٽ رهڻ جو امڪان آهي، جنهن سبب گئس جي کوٽ وڌڻ جو امڪان آهي.

  • بنا ٻڌائڻ جي ڪراچي ۾ گئس بند ڪئي وئي: امتياز شيخ

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي توانائي کاتي واري صوبائي وزير امتياز شيخ ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ گئس جي بندش تي سخت ڳڻتي ظاھر ڪندي وفاقي حڪومت تي ڇتي تنقيد ڪئي آھي سندس چوڻ آھي ته بنا اطلاع جي ڪراچي مختلف علائقن جن ۾ ڪورنگي، محمود آباد، ڪورنگي ڪراسنگ، قيوم آباد، ڪورنگي انڊسٽريل ايريا،سمھراڻ ٽائون، شاھ فيصل سميت ٻين علائقن ۾ گئس  جي فراھمي بند ڪئي وئي جنهن سبب ماڻھن جي گھرن جا چُلها اجائجي چڪا آھن، هن نا اهل حڪومت مهانگائي جي طوفان بعد هاڻ ماڻھون کان هر قسم جي جيئڻ جو حق کسي ٽي ويلا ماني کائڻ کان به محروم ڪري ڇڏيو آھي،هن چيو ته  پي ٽي آءِ حڪومت پرڏيھ مان ايل اين جي  جي گهرائڻ جو بندوبست به نه ڪري سگهي هي ماڻهو ڪنهن جي ڳالھ ٻڌڻ لاءِ تيار ناھن.

  • مهانگائي کانپوءِ گئس بحران حڪومتي ناڪامي آهي: شهباز شريف

لاهور (م ڊ) مسلم ليگ ن جي صدر ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته مهانگائي کانپوءِ گئس جو بحران حڪومت جي ناڪامي آهي. لاهور مان جاري ڪيل بيان ۾ شهباز شريف چيو ته حڪومت جي نااهلي جي سزا عوام کي ملي رهي آهي. هن چيو ته مهانگائي کانپوءِ گئس جو بحران حڪومت جي ناڪامي آهي، گيس ٽرمينل به هئا پر حڪومت وقت تي گئس جو بندوبست نه ڪري سگهي. مخالف ڌر جي اڳواڻ جو وڌيڪ چوڻ هو ته هن وقت گئس ٽرمينلز جي گنجائش کان اڌ کان به گهٽ بجلي استعمال ٿي رهي آهي، حڪومت جو ساٿ ڏيڻ سان ئي ملڪ کي بحرانن مان بچائي سگهجي ٿو. هن چيو ته عوام کي مشڪلاتن، مسئلن، مهانگائي ۽ لاچاريءَ جي حوالي ڪيو ويو آهي.

  • شيري رحمان:ٿڌ اڃا شروع  ناهي ٿي، گئس لوڊشيڊنگ شروع ٿي وئي

اسلام آباد (م ڊ) پيپلز پارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان ملڪ ۾ گئس جي لوڊشيڊنگ تي حڪومت تي تنقيد ڪئي آهي. شيري رحمان چيو ته سردي نه آئي آهي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ شروع ٿي وئي آهي، گئس جي اگهن ۾ 350 سيڪڙو واڌ کانپوءِ به ملڪ بدترين گيس بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي ٿڌ ۾ داخل ٿيندي ئي شهرين جا چلها ٿڌو ٿيڻ شروع ٿي ويا هن چيو ته حڪومت واعدن کانسواءِ ڪجهه ناهي ڪيو. ٻئي طرف سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز شيخ چيو آهي ته بدانتظامي ۽ نااهلي سبب گيس جو بحران آهي، سنڌ جو عوام پريشان آهي، ڪراچي ۾ گئس ناهي اچي رهي، ٻارن کي صبح جو ناشتو نه پيو ٿئي. ياد رهي ته سياري شروع ٿيڻ سان ئي شهرين جا چلهه ٿڌو ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن ۽ مختلف شهرن ۾ گئس غير اعلانيه طور تي بند يا گهٽجڻ شروع ٿي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.