عدليه ايگزيڪيوٽو ۽ اسيمبلي جي اختيارن تي قبضو ڪري ڇڏيو: مراد شاهه

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وڪيلن لاءِ هيلٿ انشورنس جو اعلان ڪندي سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي سالياني ڊنر تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي ته عدليه ايگزيڪيوٽو ۽ قانون ساز اسيمبليءَ جي اختيارن تي  قبضو ڪري ڇڏيا آهن اهڙي ريت عدليه ادارن کي ڪمزور ڪيو آهي، هن چيو ته منهنجو ننڍپڻ هاءِ ڪورٽ جي اڱڻ ۾ کيڏندي گذريو جڏهن منهنجو والد هاءِ ڪورٽ جو وڪيل هو. انهن ڏينهن ۾ منهنجو پيءُ مون کي ۽ منهنجي ڀيڻ کي اسڪول مان هتي ڇڏيندو هو ۽ پنهنجن ڪيسن لاءِ نڪري ويندو هو. هن چيو ته منهنجو پيءُ پنهنجي حياتيءَ دوران سخت بيماري سبب ويل چيئر تي بيل لاءِ  آيو،هن چيو ته هن ملڪ جو آئين آهي جنهن تي اسان سڀني کي عمل ڪرڻو آهي. مان 2002ع کان اسيمبليءَ جو ميمبر آهيان. 1973ع جي آئين ۾ اسيمبليءَ جي ميمبرشپ لاءِ ٻه اهليتون هيون جن ۾ هن ملڪ جو شهري هجڻ ۽ هڪ عمر جي حد شامل هئي، هن چيو ته وقت گذرڻ سان اسيمبلي کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ صادق ۽ امين سميت 7 اهل هجڻ جو قانون جوڙيو ويو ۽ هاڻي ته ايف بي آر، ايف آءِ اي، اسٽيٽ بينڪ ۽ ٻين ادارن کان رپورٽ طلب ڪئي ويندي آهي. جيڪڏهن ڪجهه به چئون ٿا ته چوندا آهن ته توهين عدالت لڳندي جڏهن ته دنيا جي ٻين ملڪن ۾ توهين عدالت جا ڪيس ختم ٿي ويا آهن. هن چيو ته لنڊن جي هڪ اخبار ۾ جج جي ابتي تصوير ڇاپي ۽ ڪيپشن ۾ لکيو ويو ته پراڻي تصوير- جنهن تي جج چيو ته آئون پوڙهو آهيان پر بيوقوف ناهيان، فيصلو عوام کي ڪرڻو آهي پر توهين عدالت نه لڳائيندس، هن چيو ته چيف جسٽس آف پاڪستان اڄ لاهور ۾ چيو ته اسان دٻاءُ يا ڊڪٽيشن نٿا وٺون، چيف جسٽس جو اهو بيان ٻڌي خوشي ٿي. هن چيو ته جسٽس منصور علي خان لکيو ته عدليه آخري اميد آهي، عدليه کي جمهوريت جو تحفظ ڪرڻو آهي. آخر ۾ سنڌ جي وڏي وزير وڪيلن کي هيلٿ انشورنس ڏيڻ جو اعلان ڪيو ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پارڪنگ واري مسئلي کي  حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، وڏي وزير چيو ته سنڌ ڪابينا ۾ ميرپورخاص اندر هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ قائم ڪرڻ واري ڳالهه رکندس.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.