شهباز ۽ حمزا جي مني لانڊرنگ جا دستاويزي ثبوت موجود آهن: ايف آءِ اي

لاهور (م ڊ) وفاقي جاچ ايجنسي (ايف آءِ اي) چيو آهي ته شهباز شريف ۽ حمزا شهباز جي مني لانڊرنگ ۾ ملوث هجڻ جا دستاويزي ثبوت موجود آهن، ايف آءِ اي لاهور طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته شريف گروپ خلاف ميگا مني لانڊرنگ جي جاچ جاري آهي، جاچ ٽيم ڏکئي ڪيس ۾ مالياتي فراڊ جو پتو لڳائڻ لاءِ محنت سان ڪم ڪيو آهي، ايف آءِ اي موجب جاچ ٽيم 16 ارب رپين جي 17 هزار ٽرانزيڪشنز جي مني ٽريل جو تجزيو ڪيو، اهي پئسا شريف گروپس جي ڪلارڪن ۽ پٽيوالن جي اڪائونٽن ۾ وڌا ويا، رقم 2008 کان 2018 دوران انهن جي اڪائونٽن ۾ وڌي وئي، وفاقي جاچ ايجنسي چيو آهي ته شهباز شريف ۽ حمزا شهباز 2008 کان 2018 دوران پبلڪ آفيس هولڊر هئا، جاچ ٽيم ٻنهي جي سڌي ريت ملوث هجڻ جا دستاويزي ثبوت حاصل ڪيا، ايف آءِ اي ن ليگ اڳواڻ جو بيان عوام کي گمراهه ڪرڻ جهڙو قرار ڏيندي عطا تارڙ جي بيان تي ترديد ڪئي ۽ چيو ته پٽيوالن ۽ ڪلارڪن جي اڪائونٽ ۾ 16 ارب رپين لاءِ شهباز ۽ حمزا احتساب لائق آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.