زيبول جو وي سي جسٽس (ر) راڻا شميم 30 لک پگهار کڻندڙ

ڪراچي (م ڊ ) ڪراچي جي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو يونيورسٽي آف لا جو وائيس چانسلر رٽائرڊ جسٽس راڻا محمد شميم ماهوار 30 لک رپيا ۽ سالياني پگهار 3.5 ڪروڙ رپيا وصول ڪري ٿو. سندس مقرري تي به سوال اٿاريا ويا آهن پر سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته راڻا شميم جي مقرري ۽ پگهار قانون موجب آهي. اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي ڪيسن بابت حلف نامو وٺي لنڊن ۾ شهرت حاصل ڪندڙ رٽائرڊ جسٽس راڻا محمد شميم کي سيپٽمبر 2019ع ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو يونيورسٽي آف لا (زيبل) جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو هو. دستاويزن موجب راڻا شميم جي ماهوار پگهار 29.48 ملين رپين کان وڌيڪ آهي جنهن ۾ الائونس شامل آهن ۽ هو هر سال 35.38 ملين رپيا وصول ڪري رهيو آهي. پريس ڪانفرنس دوران هڪ سوال جي جواب ۾ مراد علي شاهه چيو ته راڻا شميم کي سرچ ڪميٽي ذريعي مقرر ڪيو ويو. هن چيو ته راڻا شميم گلگت بلتستان جو چيف جسٽس رهي چڪو آهي، هن جي مقرري ان بنياد تي ڪئي وئي ۽ جڏهن نالو آيو ته مون کي ياد ناهي ته ڪيترا نالا آيا پر مقرري قانون موجب ڪئي وئي.   مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته 3 نالا هوندا، جيتري قدر تنخواه جو تعلق آهي، آسان طريقو اهو آهي ته ڪنهن جي آخري پگهار به گهٽ ۾ گهٽ رکڻي آهي، ان لاءِ به ضابطا آهن، راڻا شميم کي پگهار ڏني ويندي آهي.  هن کي يونيورسٽيءَ  کي ويهه سال ٿي ويا آهن، اهو غلط آهي. مون ساڻس ڪجهه ڏينهن اڳ ملاقات ڪئي هئي ۽ اڃا هڪ اڌ سال به نه ٿيو آهي،“ هن چيو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو يونيورسٽي آف لا ڪراچي ۾ آهي، يونيورسٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته راڻا شميم گذريل 20 مهينن ۾ صرف 20 ڏينهن يونيورسٽي آيو، هو اسلام آباد ۾ پنهنجي گهر واري آفيس مان يونيورسٽي هلائيندو آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.