ڀريا ۾ مچ ڪچهري، سرداري نظام کان ڇوٽڪاري جي گونج

ڀرياسٽي (رپورٽ: مجيد ڪيريو) ڀرياسٽي ثقافتي ڏهاڙو ويجهو ايندي مچ ڪچهرين، بيتن، گجهارتن جوسلسلو شروع ٿي ويو، ڀرياروڊ جي صوفي بزرگ بابا عاشق سائين جي درگاهه تي فقير ثناءَ الله ڪيريو، فقير انور ڪيريو جي ميزباني هيٺ، ” سرداري نظام کان ڇوٽڪارو“ جي عنوان هيٺ مچ ڪچهري ڪوٺائي وئي جنهن ۾ سگهڙن ۽ فنڪارن قومي گيت ٻڌائي ويٺلن کي جهومائي ڇڏيو، هفت زبان شاعر صوفي بزرگ بابا عاشق سائين جي درگاهه تي فقير ثناءَ الله ڪيريو ، فقير انور ڪيريو جي ميزباني هيٺ مچ ڪچهري ڪوٺائي وئي، مچ ڪچهري ۾ فنڪار مرتضيٰ خاصخيلي، عمران ڪيريو، فقير ياسر ڪيريو قومي گيت ڳائي ويٺل کي جهومائي ڇڏيو، جڏهن ته مچ ڪچهري ۾ سگهڙ خليفو سولنگي ۽ غلام حيدر ڏور بيت ۽ گجهارتون ڏئي واهه واهه ڪرائي ڇڏي، ان سلسلي ۾ محفل موجود رحمان ڪيريو، فقير عاشق ڪيريو،حفيظ الله ڪيريو، ٻين ٻڌايو ته ثقافت اسان جي سڃاڻپ آهي، جيڪو عوامي  آواز جو نعرو سرداري نظام کان چوٽڪارو جي آجيان ڪيون ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.