بنگلاديشي بيٽسمين کي نامناسب اشارو ڪرڻ تي حسن علي کي وارننگ

 

دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ضابطن جي ڀڃڪڙي تي قومي ٽيم جي فاسٽ بالر حسن علي کي ميچ ريفري وارننگ ڏئي ڇڏي.

آءِ سي سي طرفان جاري بيان موجب حسن علي بنگلاديش خلاف پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ آءِ سي سي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي شق 2.5 جي ڀڃڪڙي جي ملوث نڪتو.

بنگلاديش جي نور الحسن کي آئوٽ ڪرڻ کانپوءِ نامناسب اشارن تي امپائرن حسن علي کي چارج ڪيو هو.

حسن علي پنهنجي غلطيءَ جو اعتراف ڪري ورتو، جنهن تي ميچ ريفري کيس تنبيهه سان گڏ ڊسيپلنري ڪوڊ ۾ ڊي ميرٽ پوائنٽ جي به سزا ڏني.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.