”دٻاءَ ۾ اچي هڪ چونڊيل وزيراعظم کي ڦاهي جي سزا ڏيڻ شرمندگيءَ جو سبب آهي“

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله چيو آهي ته عدليا کي تاريخي فيصلن تي فخر هجڻ گهرجي ۽ پنهنجي غلطين جو اعتراف به ڪرڻ گهرجي.

لاهور ۾ عاصمه جهانگير ڪانفرنس سان خطاب ڪندي جسٽس اطهر من الله چيو ته 2007 ۾ وڪيلن جي تاريخي تحريڪ جي قيادت ڪئي، اها تحريڪ ججن جي بحالي جي نه آزادي ۽ جمهوريت لاءِ هئي، آزادي کانپوءِ 1954 ۾ تميز الدين خان ڪيس عدليا جو پهريون امتحان هو، جنهن تي عدليا کي فخر هجڻ گهرجي.

هن چيو ته ڊوسو ڪيس، محترمه نصرت ڀٽو ڪيس ۽ ظفر علي شاهه ڪيس عدليا جي تاريخ جو حصو آهن، جنهن کي اسان نٿا ڊاهي سگهون، انهن فيصلن غير جمهوري طاقتن کي مضبوط ڪيو، هڪ چونڊيل وزيراعظم کي دٻاءَ ۾ اچي ڦاهي جي سزا ٻڌائڻ اداري لاءِ شرمندگي جو سبب آهي.

سندس چوڻ هو ته غلطين جو اعتراف بهتري لاءِ پهريون قدم آهي، ميڊيا، سول سوسائٽي ۽ عدليا کي گڏجي انصاف جي نظام کي بهتر بڻائڻ جي جدوجهد ڪرڻي پوندي، ميڊيا آزاد نه هوندي ته عدليا به آزاد نه هوندي پر ميڊيا کي ذميوار ٿيڻو پوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.