چين ۾ علي بابا سميت وڏين اي ڪمپنين تي ڏنڊ

 

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين جي حڪمران ڪميونسٽ پارٽي علي بابا گروپ ۽ ٽينسنٽ هولڊنگز سميت ڪيترين ئي آن لائن ٽيڪ ڪمپنين تي ڏنڊ هڻي ڇڏيو.

ڪمپنين تي الزام هو ته انهن ٻين ننڍين ڪمپنين کي خريدڻ جي باري ۾ اطلاع داخل نه ڪرايا.

عدم مسابقت قانونن تحت چين ۾ ڪا وڏي ڪمپني جڏهن ڪنهن ننڍي ڪمپني کي پنهنجو حصو بڻائيندي آهي ته ان کي رپورٽ ڪرڻو هوندو آهي، اهو قانون ڪنهن ڪمپني جي هڪ هٽي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ٺاهيا ويا آهن.

چين جي تمام وڏي اي ڪامرس اداري علي بابا گروپ هوڊلنگ لميٽيڊ جي شيئرز جي قيمتن ۾ 10 سيڪڙو کان وڌيڪ جي گهٽتائي ڏٺي وئي آهي.

بيجنگ طرفان ريگوليٽري ڪريڪ ڊائون ۽ آن لائن واپار ۾ وڌندڙ مقابلي بازي سبب اها مارڪيٽ به متاثر ٿي رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.