پاڪستان امڪاني تابڪار مواد ضبط ڪرڻ جي ڀارتي ميڊيا جي دعويٰ رد ڪري ڇڏي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان امڪاني تابڪار مواد ضبط ڪرڻ جي ڀارتي ميڊيا جي دعويٰ رد ڪري ڇڏي.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب پاڪستان امڪاني تابڪار مواد ضبط ڪرڻ جي ڀارتي ميڊيا جي دعويٰ کي رد ڪري ٿو، ان حوالي سان ڀارتي ميڊيا جون رپورٽون بي بنياد آهن، ڀارتي ميڊيا جون رپورٽون پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش آهي ۽ اها رپورٽون عالمي برادري کي گمراهه ڪرڻ جي هڪ سازش آهي.

ترجمان چيو ته ڀارتي ميڊيا ڪراچي مان شنگهائي ويندڙ جهاز تي ڪنٽينرن ۾ امڪاني تابڪار مواد ضبط ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي، ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي ته امڪاني تابڪار مواد مندرا پورٽ تي اختيارين ضبط ڪيو.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان ٻڌايو ته ڪراچي نيوڪليئر پاور پلانٽ اختيارين موجب خالي ڪنٽينر چين کي واپس ڪيا پئي ويا، ڪنٽينر خالي هئا، شپنگ دستاويزن ۾ ڪارگو کي صحيح طور غير اثرائتو قرار ڏنو ويو هو.

ترجمان موجب اهي ڪنٽينر اڳ ڪي ٽو ۽ ڪي ٿري نيوڪليئر پاور پلانٽن لاءِ چين کان ڪراچي تائين ٻارڻ جي چُرپر لاءِ استعمال ڪيا ويندا هئا، ٻنهي نيوڪليئر پاور پلانٽن ۾ استعمال ٿيندڙ ٻارڻ عالمي جوهري توانائي ايجنسي جي سيف گارڊز تحت آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.