منهنجي زندگي ٽيلر سوئفٽ تباهه ڪري ڇڏي، اڳوڻي فحش اداڪارا ميا خليفا

فحش فلمن جي اڳوڻي اداڪارا ميا خليفا جيڪا آمريڪي گلوڪارا ٽيلر سوئفٽ جي وڏي مداح آهي، ان چيو آهي ته ٽيلر سوئفٽ ان جي زندگي برباد ڪري ڇڏي آهي، پر اهڙو ڇا ٿيو جو هن کي ائين چوڻو پئجي ويو؟

2012 ۾ ٽيلر سوئفٽ پنهنجو الم ”RED“ رليز ڪيو هو، جنهن کي سڀني گيتن کي ڏاڍو پسند ڪيو ويو هو جڏهن ته ان جي ڏک واري گيت ”ALL TOO WELL“ جا ته ماڻهو وڏا مداح بڻجي ويا هئا ۽ ميا خليفا به تڏهن کان ئي ٽيلر سوئفٽ جي مداح ٿي هئي جنهن جو اظهار هوءَ مختلف جاين تي ڪيترائي ڀيرا ڪري چڪي آهي.

گذريل مهينن ۾ ٽيلر سوئفٽ اعلان ڪيو هو ته اها پنهنجي پراڻي گيتن تي ٻڌل نئون البم لانچ ڪندي جنهن کي هن گذريل ڏينهن ۾ جاري ڪيو آهي، ان البم کي ٽيلر سوئفٽ ”RED, taylor’s Version“ جو نالو ڏنو آهي.

ان البم ۾ 30 گيت آهن جن مان 20 ٽيلر سوئفٽ جا پراڻا گيت آهن جن کي ٻيهر البم ۾ شامل ڪيو ويو آهي ۽ انهن ۾ اهو جڳ مشهور گيت ”ALL TOO WELL“ به شامل آهي.

ٽيلر سوئفٽ ان گيت کي مختصر فلم طور به رليز ڪري چڪي آهي جيڪو 10 منٽن کان وڌيڪ آهي، پاڻ ٽيلر جو چوڻ آهي ته هن ان کان وڌيڪ ڏُک وارو گيت ڪڏهن به ناهي لکيو هاڻي هُن ان گيت کي وڌيڪ ڏکارو بڻائي ڇڏيو آهي.

ان ئي حوالي سان ميا خليفا پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري تي هڪ وڊيو لڳائي جنهن ۾ کيس روئندي ڏسي سگهجي ٿو جڏهن ته ان جي بيڪ گرائونڊ ۾ ”ALL TOO WELL“ اسپيڪر تي وڄندي ٻڌي سگهجي ٿو.

ان وڊيو ۾ ميا خليفا لکيو ته ”ان 10 منٽن جي آل ٽو ويل“ سان بلونڊ(ٽيلر سوئفٽ) منهنجي زندگي تباهه ڪري ڇڏي آهي.

جيتوڻيڪ اهو واضح ناهي ته ميا خليفا جو مقصد اهو ٻڌائڻ آهي ته اهو گيت ايترو اداس آهي جو انکي ٻڌڻ کانپوءِ هوءَ پنهنجي زندگي کي تباهه سمجهندي آهي يا وري اوريجنل ورجن کي تبديل ڪرڻ تي تنقيد ڪري رهي آهي.

”آل ٽو ويل“ جي ان نئين ورزن جي هن وقت تائين ٻڌندڙن تعريف ئي ڪئي آهي ۽ امڪاني طور تي ميا خليفا جي چوڻ جو مقصد به اهو ئي هجي ته هوءَ ان ورزن کي ٻڌڻ کانپوءِ هن روئي ڏنو آهي، اهو ئي سبب آهي ته اها ٽيلر سوئفٽ مزاحيا انداز ۾ ائين چئي ٿي ته هن ان جي زندگي تباهه ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.