ملڪ ۾ صحافت جي آزادي، عورتن جي حقن کي خطرا آهن: جسٽس فائز عيسيٰ

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته ملڪ ۾ صحافت جي آزادي، عورتن جي حقن کي خطرا آهن.

لاهور ۾ انساني حقن جي علمبردار عاصمه جهانگير ڪانفرنس سان خطاب ڪندي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته آئين ٻن درجن کان وڌيڪ انساني حقن جي ڳالهه ڪري ٿو، جڏهن ته پاڪستان ۾ صحافت جي آزادي، ڄاڻ تائين پهچ ۽ ڇوڪرين جي تعليم سميت عورتن جي حقن کي خطرا آهن.

هن چيو ته عاصمه جهانگير سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر رهي ۽ هڪ تقريب ۾، جتي ڀارتي نمائندو به موجود هو، مان کيس مخاطب ٿيندي چيو ته توهان جي ملڪ ۾ بار ايسوسيئيشن جي صدر ڪا عورت ناهي رهي، تنهن ڪري اهو اعزاز پاڪستان کي حاصل آهي، هڪ پهلو اهو به آهي ته 50 ملڪن جي فهرست ۾ پاڪستان اڪيلو ملڪ آهي، جتي پهرين وزيراعظم عورت مسلمان هئا.

سندس موجب قائداعظم چيو هو ته جمهوريت گهرڻ سان ناهي ملندي، اهو عوام جو حق هوندو آهي، اسان دنيا جي پهرين 48 ملڪن ۾ هئاسين، جن عالمي انساني حقن جي مسودي تي صحيحون ڪيون، پاڪستان شايد پهريون ملڪ آهي، جتي عدليا جمهوريت جي ڪاز لاءِ اهم ڪردار اد اڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.