ڪورونا ويڪسينيشن لازمي قرار ڏيڻ خلاف نيڌرلينڊ ۾ احتجاج پرتشدد

 

ايمسٽرڊم (ويب ڊيسڪ) نيڌرلينڊ ۾ ڪورونا لاڪ ڊائون خلاف احتجاج پرتشدد ٿي ويو ۽ ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

نيڌرلينڊ ۾ ڪورونا پابندين خلاف شهرين جو احتجاج جاري آهي ۽ احتجاج ڪندڙن ۽ سيڪيورٽي فورسز ۾ جهڙپن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

روٽر ڊيم ۾ مڇريل ماڻهن هڪ پوليس وين کي به باهه ڏئي ڇڏي ۽ اهلڪارن تي پٿراءُ ڪيو، جنهن جي جواب ۾ پوليس هوائي فائرنگ ڪئي، ان تشدد جي واقعي ۾ ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا.

واضح رهي ته ڊچ حڪومت عوامي هنڌن تي اهڙن ماڻهن جي داخلا تي پابندي هنئي آهي، جيڪي مڪمل ويڪسينيشن جو سرٽيفڪيٽ نه رکندڙ هجن يا ڪورونا مان صحتيابيءَ جو ثبوت نه فراهم ڪري سگهن، جنهن خلاف عوام سراپا احتجاج آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.