”ٽام اينڊ جيري“ جي اصل حقيقت، سڄي دنيا جا مداح حيران

ننڍن توڙي وڏن سڀني جا پسنديدا ڪارٽون ٽام ۽ جيري جا اصل نالا ٻُڌي سوشل ميڊيا واهپيدار حيران ٿي ويا آهن.

Tom & Jerry cartoon - Home | Facebook

ڪيترن ئي ميڊيا رپورٽن ۾ ٽام اينڊ جيري ڪارٽونز جا ڪامياب 8 ڏهاڪا گذرڻ کانپوءِ انهن ڪارٽونڪ ڪردارن ٽام ۽ جيري جي اصل نالن تان پردو کنيو ويو آهي جن بابت ٻڌي انهن جا مداح حيران ٿي ويا آهن.

ميڊيا رپورٽن موجب ”ٽام“ جو ڪردار اصل نالو ”ٿامس جيسپر ڪيٽ سنيئر“ جڏهن ته ”جيري“ جو اصل نالو ”گيرالڊ جنڪس مائوس“ آهي.

ڇا توهان کي خبر آهي ته اهي ڪارٽون پهريون ڀيرو ڪڏهن پيش ڪيا ويا هئا؟

Tom and Jerry review – wearisome live action adaptation | Animation in film | The Guardian

جڏهن ٽام اينڊ جيري ڪارٽون پهريون ڀيرو 1940 ۾ نشر ڪيا ويا هئا ته ان وقت سيريز ۾ انهن جا نالا جيسيپر ۽ جنڪس ئي هئا.

ٽام اينڊ جيري جا اصل نالا ڄاڻي انهن کي ڏسڻ وارا حيران ته آهن ئي پر سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان به دلچسپ تبصرن جو سلسلو جاري آهي.

واضح رهي ته ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته ٽام اينڊ جيري دنيا جا مشهور ترين ڪارٽون آهن جن کي دنيا جا ڪروڙين ٻار روز وڏي شوق سان ڏسندا آهن.

انهن ڪارٽونن جو تخليق ڪار آسڪر ايوارڊ يافتا ايني ميٽر، السٽريٽر، فلمساز ۽ هدايتڪار جين ڊچ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.