مڇي کائڻ جا نقصان ڪهڙا آهن؟

ماهرن موجب اڇي گوشت ۾ ڳڻي ويندڙ مڇي ۾ پروٽين، آيوڊين، سلينيم، زنڪ، وٽامن ڊي ۽ وٽامن بي 12 جهڙا فائديمند جز موجود هوندا آهن ۽ ان کي دماغ جي غذا به قرار ڏنو ويندو آهي.

غذائي ماهرن موجب مڇي اوميگا 3 جهڙي بنيادي اهم غذائي جزن سان ڀرپور هوندي آهي، هڪ هفتي ۾ گھٽ ۾ گھٽ ٻه ڀيرا مڇي ضرور کائڻ گھرجي جڏهن ته هڪ ڀيرو کَل سميت ۽ ٻه کان ٽي ڀيرا کل کان سواءِ کائڻ فائديمند آهي.

مڇي جي کل ۾ اوميگا ٿري فيٽي ايسڊ جو ڀرپور مقدار موجود هوندو آهي، مڇي جي کل دل جي بيمارين، ڪيسنر ۽ فالج يا اٽيڪ کان به بچائيندي آهي.

ماهرن موجب جتي مڇي کائڻ جا فائدا آهن اتي ئي وري ان جو گھڻو استعمال صحت لاءِ نقصانڪار به ثابت ٿي سگھي ٿي.

مڇي کائڻ جا نقصان ڪهڙا آهن؟

ماهرن موجب سڄي دنيا ۾ سمنڊ ۽ درياهن ۾ ڏينهون ڏينهن گندگي وڌندي پئي وڃي، ان ڪري هاڻ مڇي کائڻ يا ان جو وڌيڪ استعمال ڪرڻ جي نتيجي ۾ فائدي تي اثر پوي ٿو.

نيوٽريشنسٽس موجب هر غذا جو وڌيڪ استعمال نقصان پهچائي سگھي ٿو، اڳ جي ڀيٽ ۾ هاڻ مڇي اڳ جهڙي فائديمند ناهي رهي، ان ڪري جيڪڏهن مڇي هفتي ۾ ٻه کان ٽي ڀيرا 3 کان 4 مهينن لاءِ استعمال ڪجي ته ان جا نقصان گھٽ ۽ فائدا وڌيڪ آهن جڏهن ته جيڪڏهن اها ئي مڇي لاڳيتو کاڌي وڃي ٿي ته ان جا صحت تي نقصان پئجي سگھن ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.