جيڪب آباد: قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي عمر قيد ۽ 10 ڏنڊ جي سزا

جيڪب آباد جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل عدالت قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي هڪ جوابدار کي عمر قيد سزا ۽ 10 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

جيڪب آباد ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڊسٽرڪٽ ۽ ايڊيشنل  سيشن جج ذوالفقار علي شيخ جي عدالت قربان علي مندراڻي کي الزام هيٺ قتل ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار عبدالنبي مندراڻي کي عمر قيد ۽ 10 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌايندي ٻن ڄڻن لونگ خان ۽ نوردين کي بري ڪري ڇڏيو.

واضح رهي ته پوليس مقتول قربان علي جي پٽ نظير احمد جي فرياد تي ٽن جوابدارن عبدالنبي. لونگ خان ۽ نوردين خلاف ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.