هالا: تعلقا اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ۽ دوائن جي کوٽ خلاف سنڌ نوجوان اتحاد پاران علامتي بک هڙتال ڪيمپ قائم

تعلقه اسپتال ھالا ۾ ڊاڪٽرن ۽ دوائن جي کوٽ خلاف سنڌ نوجوان اتحاد پاران  علامتي بک هڙتال ڪيمپ قائم ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

فياض ارباب، روشن سهتو، دلبر ڪوريجو، عاطف ڪيريو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  پريس ڪلب ھالا اڳيان علامتي بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

مظاهري کي خطاب ڪندي سينئر قانوندان ايڊووڪيٽ انوار الحق ميمڻ،  عبدالرشيد ڏيٿو، اياز ميمڻ، ۽ ٻين چيو ته تعلقه اسپتال ھالا سياسي مداخلت سبب تباھي جي ڪناري تي پھچي وئي آهي. اسپتال ۾ مقرر 40 ڊاڪٽرن مان رڳو ٻه ڊاڪٽر ڊيوٽي ڪن پيا باقي سڀ گھر ويٺي پگھارون کڻي رھيا آھن.

ھنن چيو ته اسپتال جي ڪروڙين رپيا بجيٽ ھجڻ باوجود اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ آهي. اسپتال جون دوائون پرائيويٽ ميڊيڪل اسٽورن تي وڪرو ڪيون پيون وڃن. اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ۽ دوائن جي کوٽ سبب غريب مسڪين ۽ بي پھچ بيمار ماڻھو علاج نه ٿيڻ سبب سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

احتجاج ڪندڙن سنڌ حڪومت ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڊيوٽي نه ڪندڙ ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي ڪري اسپتال مان دوائن جي کوٽ ختم ڪري پريشاني ختم ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.