اپوزيشن حڪومت جي هر سٺي ڪم جي مخالفت ڪئي آهي: شاهه محمود قريشي

 

ملتان (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته حڪومت جمهوريت جي مضبوطي لاءِ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين سان چونڊون ڪرائڻ چاهي ٿي.

ملتان ۾ تقريب سان خطاب ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان ڪوشش آهي ته ايندڙ چونڊون شفاف ٿين.

هن چيو ته سمنڊ پار پاڪستاني ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا، اهي ناڻو موڪلي سگهن ٿا ته ووٽ ڇو نٿا ڏئي سگهن.

سندس موجب ٻاهرين ملڪ پاڪستانين جي خواهش هئي ته اهي چونڊ عمل ۾ حصو وٺن، انهن کي ووٽ جو حق ڏئي نئين تاريخ لکي آهي، اپوزيشن حڪومت جي هر سٺي ڪم جي مخالفت ڪئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.