”قصوري هُرٻي“ جا حيران ڪندڙ فائدا

اسان مان گهڻي قدر ماڻهو قصوري هرٻي جو استعمال ڪندا آهن پر ان جي فائدن کان لاعلم آهن.

هُرٻي جا پَن ۽ ٻِج صدين کان اسان جي کاڌن کي ذائقيدار بڻائڻ لاءِ استعمال ڪيا ويندا آهن پر جديد تحقيق هُرٻي جا اهڙا ته حيران ڪندڙ فائدا سامهون آيا آهن جيڪي جگر کان وٺي کَل تائين تمام گهڻا فائديمند آهن.

گلوڪوز ليول ڪنٽرول:

قصوري هُرٻي ۾ اهڙيون ته شيون شامل هونديون آهن جيڪي گلوڪوز ليول کي ڪنٽرول ڪنديون آهن، ڊيابطيس جي مريضن لاءِ ان جو استعمال انتهائي ضروري آهي.

فائبر سان ڀرپور:

قصوري هُرٻي ۾ فائبر جو جَجهو مقدار موجود آهي جنهن جي اسان جي کي گهڻي ضرورت هوندي آهي، اهو جسم جي لاءِ فيول جو ڪم ڪندي آهي، هاضمي جي نظام کي بهتر بڻائي جسم جي سڀني مسئلن کي ڪنٽرول ڪري وٺندي آهي.

مينوپاز دوران:

عورتن جي عمر جڏهن چاليهه سال کان مٿي ٿيڻ لڳندي آهي ۽ پنجاهه جي ڏَهي ۾ داخل ٿينديون آهن ته مينوپاز جو عمل شروع ٿي ويندو آهي اهو هڪ اهڙو عمل آهي جنهن ۾ ماهواري بند ٿيڻ لڳندي آهي ۽ عورتن جي لاءِ هارمونز جي ان تبديلي کي برداشت ڪرڻ سولو ناهي هوندو ان دوران ٿيندڙ تڪليف ۾ سُڪل هرٻو هڪ دوست جيان ڪم ڪندو آهي.

کير پيئاريندڙ مائرن جي لاءِ:

قصوري هرٻو انهن مائرن جي لاءِ بهترين آهي جيڪو کير پيئارڻ واري دور مان گذري رهيون هجن، اها سائي رنگ جي خشڪ ٻوٽي کِير جي پيداوار کي وڌائيندي آهي. اهي مائرون جن جي ٻارن کي کِير صحيح مقدار ۾ نه ملي سگهندو هجي انهن کي هرٻي جو باقاعدگي سان استعمال ڪرڻ گهرجي.

انکانسواءِ هرٻي جو ٻج گنجائپ جي لاءِ به وڏو فائديمند ثابت ٿيندو آهي، جيڪڏهن ان جو تيل ڪڍي استعمال ڪجي ته گنجائپ ختم ٿي ويندي ۽ مٿي تي وار اچي ويندا پر ان جي لاءِ لڳاتار محنت ۽ گهربل وقت تائين انتظار ڪرڻو پوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.